تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 10جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد يارهون پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي ۾ آهي.
هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوا بتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرون وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد ..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** جروار نذير احمد ڊاڪٽر **

جروار، نذير احمد، ڊاڪٽر: اديب ۽ شاعر، ڊاڪٽر نذير احمد ولد عبدالله عرف جمعو خان جروار جو اصل نالو غلام نبي هو. پرائمري تعليم پنهنجي تر جي اسڪول مان، فارسي تعليم نامياري عالم مولانا عزيز الله جروار کان ۽ عربي تعليم مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ کان حاصل ڪيائين. تعليم کان فارغ ٿي ڪجهه وقت لاءِ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الهيار ۾ استاد طور ڪم ڪيائين، ان دوران حيدرآباد مان طبي تعليم به حاصل ڪندو رهيو. 1965ع ۾ ٽنڊي الهيار کي ڇڏي، پنهنجي اباڻي ڳوٺ گل محمد جروار ۾ وڃي ڪلينڪ کوليائين، جتان وري 1971ع ۾ شهدادڪوٽ ويو، جتي زندگيءَ جي آخري ساهن تائين ڪلينڪ هلائيندو رهيو. شهدادڪوٽ ۾ ئي ڳلي جي ڪينسر جي ڪري 23 مئي 1994ع تي وفات ڪيائين. ڊاڪٽر نذير احمد جروار کي عربي مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي شعر ۽ شاعريءَ سان دلچسپي ٿي. مولانا حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي، مولانا محمد يوسف شهدادڪوٽي ۽ مرحوم نظام الدين گوپانگ جي صحبت سندس دلچسپيءَ ۾ غير معمولي اضافو آندو، نتيجي طور هو بهترين شاعر ثابت ٿيو، پر کيس علم عروض جي به وڏي ڄاڻ هئي. هن ان عنوان تي ’ميزان‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ شايع ٿيو آهي. هن ’تا....وڌيڪ پڙهو