داخلا نمبر 2995
عنوان اي ڊي خواجه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 395 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
اي. ڊي خواجه

اي. ڊي خواجه

اي ڊي خواجه

اي. ڊي خواجه: اي. ڊي خواجه جو اصل نالو الهڏنو خواجه آهي. 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. خواجه محلي ٽنڊي محمد خان، سنڌ جو رهندڙ آهي. 1982ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج، پيٽارو مان انٽر ۽ 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي.اي پاس ڪيائين. سي. ايس. ايس ڪرڻ کان پوءِ پوليس کاتي ۾ اعليٰ آفيسر ٿيو. کيس ٽنڊي باگي ۽ شڪارپور جي شهرين توڙي وزيراعليٰ سنڌ ۽ ڪراچي سمال ٽريڊرس ائسوسيئيشن طرفان بهترين ڪارڪردگيءَ جا اعزاز مليل آهن. هو سنڌ جي فرض شناس ۽ نيڪ عام پوليس آفيسرن مان آهي. ايس. ايس. پيءَ جي عهدي تي ڪيترو عرصو، ڪراچي، حيدرآباد، بدين، شڪارپور ۽ دادوءَ ۾ فائز رهيو آهي.ان کان علاوه آءِ جي سنڌ پڻ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.04.24  عيسوي

اي . ڊي خواجه 24 اپريل 1965ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون