داخلا ؛ 3115
پڙهيو ويو ؛ 1545
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-19


تصويرون




ٽائيم لائين

1917.04.15-A.D
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر : پاڪستان جو ناميارو ائٽمي ۽ ڪيميائي سائنسدان ، ڊاڪٽر آئي . ايڇ عثماني ، 15 اپريل 1917ع تي ڄائو .

1992.06.18-A.D
18 جون 1992ع تي وفات ڪري ويو .




sindhianaسنڌيانا--آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر


شاخ : سائنسدان

آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر:پاڪستان جو ناميارو ائٽمي ۽ ڪيميائي سائنسدان، ڊاڪٽر آئي. ايڇ عثماني، 15 -اپريل- 1917ع تي ڄائو. سندس اصلي نالو عشرت حسين عثماني هو. -بمبئي- يونيورسٽيءَ مان بي. -ايس- سي ۽ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه مان ايم. ايس. سي ڪرڻ کان پوءِ، 1940ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان، نوبل -انعام- يافته سائنسدان ڊاڪٽر جي. پي. ٿامسن جي نگرانيءَ ۾، ائٽمي طبعيات ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1942ع ۾ هندستان جي سول سروس ۾ شامل ٿي، مختلف عهدن تي ڪم ڪندو رهيو. ورهاڱي وقت لڏي -پاڪستان- هليو آيو. هتي -پاڪستان- ۾ 1950ع کان 1955ع تائين هو. درآمدات ۽ برآمدات جو چيف ڪنٽرولر رهيو. بعد ۾ 1958ع تائين مغربي -پاڪستان- ۾ صنعت کاتي ۾ ڊائريڪٽر رهيو. 1960ع کان 1971ع تائين -پاڪستان- ائٽامڪ انرجي ڪميشن جو چيئرمين رهيو. -ان- حيثيت ۾ هن تمام وڏا ڪم ڪيا. سندس پهريون وڏو ڪم طب، رياضيءَ، ڪيميا ۽ ٻين شعبن جي 500 ماهرن کي -ترقي- يافته ملڪن ۾، اعليٰ -تحقيق- ۽ تربيت لاءِ موڪلڻ هو. -اسلام- -آباد- ويجهو نيلور ۾ ’پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ‘ جو بنياد وڌائين. ڪراچيءَ ۾ 137ميگاواٽ جو نيوڪليئر پاور ري ائڪٽر نصب ڪيائين. زراعت ۽ حياتيات جو ادارو، فيصل -آباد- ۾ قائم ڪرڻ جو جس به کيس ئي حاصل آهي. زراعت، صنعت، معدنيات ۽ طب جي شعبن ۾ جوهري توانائيءَ جا تحقيقي مرڪز، ڪراچيءَ، لاهور، فيصل -آباد- ۽ ٽنڊي ڄام ۾ قائم ڪيائين.
1973ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ هو، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي وزارتن ۾ سيڪريٽري به رهيو. -ان- وچ ۾ ”پاڪستان سائنس فائونڊيشن“ جي تشڪيل پڻ ڪيائين. سندس ڪم جي مڃتا طور کيس ’ستاره امتياز‘ پڻ ڏنو ويو. پاڻ گهڻو وقت گڏيل قومن جي مختلف بورڊن ۽ ڪميشن ۾ رهيو. 18 جون 1992ع تي وفات ڪري ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن