داخلا ؛ 3121
پڙهيو ويو ؛ 3133
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-19


تصويرون


ain-stain.jpg
آئن اسٽائن
آئن اسٽائن



ٽائيم لائين

1879.03.14-A.D
آئن اسٽائن البرٽ: 20 صديءَ جو عظيم نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن 14 مارچ 1879ع ۾ جرمنيءَ جي ’ اُلم ‘ ( Ulm ) شهر ۾ ڄائو .

1922.00.00-A.D
1922ع ۾ هن کي فزڪس تي نوبل انعام مليو .

1905.00.00-A.D
1905 ع ۾ پنهنجو مشهور ” اضافت جو نظريو “ پيش ڪيائين .

1945.08.06-A.D
6 آگسٽ 1945ع تي ان کي جپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو ،

1955.04.18-A.D
هن 18 اپريل 1955ع تي آمريڪا جي پرنسٽن شهر ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--آئن اسٽائن البرٽ

ٽائيٽل ؛ آئن اسٽائن البرٽ


شاخ : سائنسدان

آئن اسٽائن البرٽ: 20 صديءَ جو عظيم نوبل -انعام- يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن 14 مارچ 1879ع ۾ جرمنيءَ جي ’اُلم‘ (Ulm)شهر ۾ ڄائو. هو يهودي مذهب سان تعلق رکندڙ هو. هن پنهنجي ابتدائي -تعليم- جمنازيئم اسڪول مان ورتي. هن نصابي -تعليم- سان گڏ موسيقيءَ جي -تعليم- پڻ حاصل ڪئي. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 26 سالن جي عمر ۾ گورنمينٽ جي ڪنهن اداري ۾ ڪلارڪ ٿيو، پر تخليقي صلاحيتن هئڻ ڪري، اهو ڪم پسند نه آيس. سندس چوڻ موجب ”ڪلرڪيءَ ۽ موچڪي ڪم ۾ ڪو فرق نه آهي“. ملازمت دوران ئي هن فزڪس جي موضوع تي سائنس مئگزين جي مختلف ايڊيشنن ۾ مضمون لکيا ۽ فزڪس متعلق اهڙا انڪشاف ڪيا، -جن- سائنسي تحقيقات جو رُخ بدلائي ڇڏيو. هن روشنيءَ کي توانائيءَ جي شڪل قرار ڏنو، جيڪا ڳالهه اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ائين ثابت نه ڪئي هئي. هن اهو ثابت ڪيو ته روشني هميشه لهرن جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي. آئن اسٽائن روشنيءَ جي رفتار ۽ رُخ متعلق جيڪي نظريا پيش ڪيا، اهي ئي سندس بنيادي سڃاڻپ بنيا. 1905 ع ۾ پنهنجو مشهور ”اضافت جو نظريو“ پيش ڪيائين. 1909ع ۾ آئن اسٽائن کي زيورچ يونيورسٽيءَ ۾ غير معمولي پروفيسر جو عهدو ڏنو ويو. ڪجهه وقت پراگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهيو. 1913ع ۾ هن کي فزيڪل انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آئن اسٽائن اهو اڪيلو سائنسدان آهي، جنهن فزڪس جو بهترين نظريو (theory) پيش ڪيو ۽ ملندڙ -انعام- (5000 آمريڪي ڊالر) وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آئن اسٽائن فزڪس کان سواءِ ڪيمسٽريءَ جو به ماهر هو. انهيءَ علم ۾ هن مادي کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو نظريو دريافت ڪيو. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيمسٽريءَ جي دريافت ڪيل 99 عنصرن جو نالو آئن اسٽائن جي نالي تي ’آئن اسٽلائم‘ رکيو ويو. 1922ع ۾ هن کي فزڪس تي نوبل -انعام- مليو.
آئن اسٽائن يهودي هئڻ جي باوجود هڪ آزاد خيال -انسان- هو ۽ ٻئي طرف کيس پوري دنيا ۾ شهرت ملي رهي هئي، برلن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ئي هو ته 1923ع ۾ جرمنيءَ تي نازي پارٽيءَ جو قبضو ٿيو. جرمنيءَ جي بنياد پرست ماڻهن سندس مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. نازين هن جي جائداد ۽ يونيورسٽيءَ واري نوڪريءَ سان گڏ جرمنيءَ جي شهريت به ختم ڪري ڇڏي. آخر آئن اسٽائن جرمنيءَ کي الوداع چئي، -آمريڪا- جي شهر نيوجرسيءَ جي شهر پرنسٽن (USA) ۾ وڃي رهيو.
1939ع ۾ هن -آمريڪا- جي صدر روزويلٽ کي هڪ خفيه خط لکيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته -ائٽم بم- ڪيئن تيار ڪيو وڃي. 1940ع ۾ آئن اسٽائن کي -آمريڪا- جي خاص قانون مطابق ’آمريڪي مڃتا‘ ڏني وئي. جلد ئي کيس مئٿميٽڪس (علم رياضيءَ) جي اداري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. 1950ع ۾ هن unified field وارو نظريو پيش ڪيو. ”مادي جي طاقت ۾ تبديليءَ“ واري عمل جي نتيجي ۾ -ائٽم بم- ٺهيو. 6 -آگسٽ- 1945ع تي -ان- کي -جپان- جي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو، جنهن ۾ 60 هزار ماڻهو مُئا ۽ هڪ لک -انسان- زخمي ٿيا. هن دردناڪ واقعي تي آئن اسٽائن کي زبردست ڏک پهتو، هن کي اها توقع هئي ته ائٽمي توانائيءَ کي انساني بهتريءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو. 1952ع ۾ آئن اسٽائن کي -اسرائيل- جي صدارت جي پيشڪش ڪئي وئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.
آئن اسٽائن ويهين صديءَ جو وڏو ذهين -انسان- هو. ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي چوڻ موجب: ”سڄي دنيا وارن جا دماغ هڪ طرف ۽ آئن اسٽائن جو دماغ ٻئي طرف“. بقول شيخ اياز: ”ڪروڙين هٽلر گڏ ٿين، تڏهن به آئن اسٽائن جهڙو دماغ پيدا نه ڪري سگهندا.“ آئن اسٽائن جا نظريا اڄڪلهه جا سائنسدان پاڻ لاءِ مشعل راهه سمجهندا آهن ۽ انهيءَ بنياد تي ئي فزڪس ۾ نوان تجربا ڪيا پيا وڃن. هن 18 -اپريل- 1955ع تي -آمريڪا- جي پرنسٽن شهر ۾ وفات ڪئي.
wikipedia http://en.wikipedia.org/wiki/Albert_Einstein




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -آئن اسٽائن البرٽ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آئن اسٽائن البرٽ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن