داخلا جي تاريخ 2012-08-10
داخلا نمبر 4264
عنوان آئيي سنڌي سيکين
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 386 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو
آئيي سنڌي سيکين - ڪتاب

آئيي سنڌي سيکين - ڪتاب

آئيي سنڌي سيکين

آئيي سنڌي سيکين (ڪتاب ):سنڌي سکڻ جي خواهشمند، اردو ڳـالـهـائـيـنـدڙن کـي سـنـڌي سـيـکـارڻ لاءِ هـيءُ تـربـيـتـي ڪتاب ڊاڪٽر فهميده حسين لکيو آهي، جنهن ۾ اردوءَ ذريعي ڏاڪي به ڏاڪي سنڌي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اصل ۾ هي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ سنڌي سکيا پروگرام جا سبق آهن، جيڪي ڊاڪٽر فهميده حسين ريڊيو تي پڙهائيندي آهي. انهن سبقن کي ڪتابي ترتيب ڏئي ڇپايو ويو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ ۽ سمجھڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ سي. ڊيءَ به شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب 216 صفحن تي مشتمل آهي، جـڏهـن ته ڪتاب ۽ سي. ڊي جي قيمت 200 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب ۽ سي. ڊي تيار ڪرائي، تاج جويي-سيڪريٽري سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2011ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو