آباد (ديهه)

آباد“ نالي سان سنڌ ۾ ڪيتريون ديهون به موجود آھن، جھڙوڪ؛ (1) تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ 14 ڳوٺ شامل آھن. (2) تعلقي سيوھڻ ۾ ھڪ ديهه. (3) تعلقي جوھيءَ ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ اٽڪل 20 ڳوٺ شامل آھن. (4) تعلقي ميھڙ ۾ ”آباد“ نالي سان ٻه ديهون آھن، جن کي آباد-1 ۽ آباد-2 جي نالن سان سڏجي ٿو. (5) تعلقي وارھ ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ 7 ڳوٺ شامل آھن. (6) تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ھڪ ديهه، جنھن ۾ 12 ڳوٺ شامل آھن. (7) تعلقي ڏوڪريءَ ۾ ھڪ ديهه ۽ (8) جيڪب آباد تعلقي ۾ ھڪ ديهه. اهڙي طرح تعلقي ڪنڊياري، روهڙي ۽ ڪوٽڏيجي ۾ به ”آباد“ نالي ديهون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو