داخلا نمبر 99
عنوان آبدارُ
شاخ زراعت
پڙهيو ويو 251 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آبدارُ

آبدارُ: آبپاشيءَ جو نظام هلائيندڙ کاتي جو ملازم، جيڪو ڪنهن واهه يا شاخ جي منڍ کان وٺي ڪنهن خاص پيچ تائين سنڀال ڪري ۽ ڏسي ته واهه جي ٻنهي ڪپن جا بند سلامت آهن يا نه؛ واهه مان نڪتل ننڍن واٽر ڪورسن مان پاڻي صحيح ماپ سان وهي ٿو يا نه؛ يا واهه جي ڪپن سان بيٺل سرڪاري وڻ ضايع ته نٿا ٿين. جڏهن ته ”پاڻيءَ جي ورڇ رکڻ“ به آبدار جو ڪم آهي. هو وهڪري جي حساب سان زميندارن کي پاڻيءَ جي ورڇ وارو تفصيل ڏيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

زراعت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبادگار
آبت
آبپاشي
آبدارُ
باراني پوک
آبڪاري
آبڪلاڻي
باغباني
آبيانو
ٻاڙوڌو
زراعت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون