داخلا نمبر 111
عنوان آبدوز شڪن
شاخ سائنسي داخلائون
پڙهيو ويو 374 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آبدوز شڪن جو هڪ نمونو

آبدوز شڪن جو هڪ نمونو

آبدوز شڪن

آبدوز شڪن: انگريزي ۾ ان هٿيار کي (Anti- submarine) چئبو آهي. هن جنگي هٿيار سان آبدوز کي تباهه ڪري سگهبو آهي. پاڻي اندر ڪنهن دشمن ملڪ جي آبدوز کي تباهه ڪرڻ لاءِ آبي بم، آبي توپون، آبدوز سرنگهون ۽ تارپيڊو خاص ايجادون آهن. هن وقت ترقي يافته ملڪن وٽ جديد قسم جا آبدوز شڪن موجود آهن. ٻي عالمي جنگ دوران آبدوزن جو پتو لڳائڻ لاءِ سونار (sonar) نالي اوزار نهايت ڪارگر ثابت ٿيو. آبدوز ٻيڙو هڪ آبدوز شڪن سان آساني سان تباهه نه ٿيندو آهي، ڇهه کان ست بحري جهاز گڏجي مٿس حملو ڪندا ته ڪو نه ڪو گولو کيس لڳي پوندو ۽ آبدوز کي ٻوڙي ڇڏيندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سائنسي داخلائون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آب پيما
باد نُما
آبدوز
آبدوز شڪن
آب شمار
بارود
اسڪاءِ ليب
اليگزينڊر گراهم بيل
امونيا
اميبا
سائنسي داخلائون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون