داخلا نمبر 190
عنوان آبي پکي
شاخ پکي
پڙهيو ويو 1176 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
مختلف آبي پکي

مختلف آبي پکي

آبي پکي

آبي پکي: هنن پکين ۾ قاز، هنج، بدڪون، ٻگهه، ٽيٽ، تُور، سانهه، ڪانهرا، لاکا، ٽوٻا، آبي ڪڪڙيون، پيهوڙي، کيڻاٺي، ڪهنگ، آڙي وغيره شامل آهن. انهن مان اڪثر پکي سياري ۾ مهمان ٿيندا آهن، پر ڪافي جنسون سنڌ جون مقامي به آهن. هنن کي پاڻيءَ جا پکي يا ڍانڍي پکي به چئبو آهي. هي ٻن قسمن جا ٿين ٿا. ھڪڙن جي پيرن ۾ پردا ٿيندا آھن ۽ پردن سان آڱريون ڳنڍيل ھونديون اٿن. اھي گھڻي ڀاڱي بدڪ جي نسل ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا ۽ مڇي ڪونه کائين. سندن کاڌو گاھ تي چڙھيل سينور، ننڍڙا ڪوڏ ۽ ساريون آھي. گاھ جي مٿان سينور کائڻ مھل صفا ننڍڙي مڇي وات ۾ اچي ويندي اٿن ته ڳھي ويندا آھن. بدڪ جي نسل جا ڪيترائي پکي سياري جي موسم ۾ درياهن، تلائن ۽ ڍنڍن ۾ ايندا آھن، جهڙوڪ نـِيرڳ، ڊگوش، ڪرڙو، چِـِيکلو، سرخاب (ڪنواچو)، دھلاري (ڳـِھڻو)، ھنجھر، رتنبو ۽ ٽھڙ وغيره.
ٻيا پکي وري بدڪ جي نسل ۾ شمار نه آھن، پر پير ڳنڍيل اٿن. اھي به مڇي ڪونه کائين. مثلاً: لاکي ڄاڃـِي ۽ منگھه ڏوريو وغيره. اِھي پکي بدڪ وارو ساڳيو کاڌو کائين ٿا، پر بدڪ کان گھڻا وڏا آھن. اھي پکي، جن جا پير ڳنڍيل ناھن ۽ خاص مڇي کائين ٿا، سي آھن: پيڻ، سرو ۽ ڪانڙو وغيره. جن جا پير ڳنڍيل نه آھن، سي سڀئي پکي کائڻ جا ڪوڏيا آھن. مثلاً: تور، سانءِ، ڄاھو، چـِٽوڙ، ملھنگ، ڪھنگ، ٻرھڙو، سٻاڪر، کوکڙٽ، ٻگهه، بگڙي، پولاريو، ڪانيرو ۽ ٻولاھي وغيره. پکين جا اھي نالا سنڌ جي وچولي واري حصي ۾ اچاريا ويندا آھن.
اسان جي سنڌ ۾ گھڻي ڀاڱي سڀ آبي پکي سائبيريا، روس ۽ ايران وغيره کان اچن ٿا. انھن سڀني پکين جي رھڻي ڪھڻي گهڻو ڪري ھڪ جھڙي آھي. اھي سڀ پکي رات جو کاڌو کائين ۽ ڏينھن جو، جتي گھڻو پاڻي ۽ صفا ميدان ھوندو آھي، اتي ماٺ ڪريو ويٺا ھوندا آھن. پوءِ سج لٿي مھل سڀ اٿندا ۽ جدا جدا ڍنڍن ۽ تلائن ۾ وڃي لھندا. صبح جو باک ڦٽيءَ مھل وري اڏري اچي ساڳئي ھنڌ تي گڏ ٿي ويھندا. مارچ مھيني ۾ گهڻو ڪري ٻاھران آيل سڀ پکي ھليا ويندا آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

پکي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باز
باشو
آبي پکي
بانولي
بحري باز
بحري باشو
ٻاٻيهو (پکي)
ٻاٽيڀڙ
ٻار ٺڳو
اسڪلو
پکي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون