داخلا ؛ 123
پڙهيو ويو ؛ 415
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2011-12-09


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آبِ زمزم

ٽائيٽل ؛ آبِ زمزم


شاخ : کاڌ خوراڪ

آبِ زمزم: ڪعبة -الله- شريف جي قديم چشمي جو اھو مٺو پاڻي، جيڪو حاجي سڳورا حج دوران پيئڻ ۾ ڪم آڻيندا آھن. آب زم زم جو کوھ چار گز ويڪرو ۽ 9 گز اونھون آھي. هن کي ”چاهه زم زم“ به چوندا آهن. زم زم کوهه واري عمارت 1960ع ڌاري ٺهي تيار ٿي. هن کوهه جو -انجيل- ۽ -توريت- ۾ به ذڪر آهي. -ان- کوهه جو -پاڻي- ڪيترين صدين تائين -جاري- رهيو، ليڪن بعد ۾ اهو -بند- ٿي ويو، حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم جي ڏاڏي عبدالمطلب لاءِ چون ٿا ته کيس خواب ۾ اشارو ملڻ بعد هن پنهنجي پٽ حارث جي مدد سان -تحقيق- ڪري وڏن ڪشالن سان -ان- کوهه جو صحيح هنڌ معلوم ڪري، نئين سر کوٽائي، وري آب زم زم -جاري- ڪيو.
ھيءُ چشمو -ان- وقت جو يادگار آھي، جڏھن حضرت ابراھيم عليه السلام، پنھنجي گھرواريءَ بيبي ھاجره ۽ پٽ حضرت -اسماعيل عليه السلام- کي کارڪن جي ھڪ ٿيلھي ۽ پاڻيءَ جي سانداري ڏئي، کين خدا تعاليٰ جي حڪم تي ڇڏي واپس ھليو ويو. جڏھن -پاڻي- ختم ٿيو ۽ حضرت -اسماعيل عليه السلام- اڃ کان لڇڻ لڳو، تڏھن بيبي ھاجره پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڊوڙڻ لڳي، ۽ صفا ۽ مروه ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڊوڙون پاتائين.
حضرت -اسماعيل عليه السلام- سخت اڃ جي حالت ۾ کرڙيون ھڻڻ لڳو. خدا جي قدرت سان -ان- ھنڌان پاڻيءَ جو چشمو ظاھر ٿي پيو. بيبي صاحبه سانداريءَ ۾ -پاڻي- ڀري، حضرت اسماعيل کي پياريو ۽ پاڻ به پيتائين. چشمي جو -پاڻي- وھڻ لڳو ته بيبي صاحبه پاڻيءَ کي حڪم ڪيو ته ”زم زم“ يعني ”بيهه، بيهه“؛ پوءِ -ان- چشمي تي نالو ئي پئجي ويو ”زم زم“. هيءُ لفظ -بابلي- ٻوليءَ جو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آبِ زمزم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آبِ زمزم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


کاڌ خوراڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بادشاهِڻِ
بادِلو2
آبِحيات
باديانُ
آب زُلال
آبِ زمزم
آب ڪوثر
باسپتي
آڀون
باکرو ڏاڙهون
آٿاڻو
ٻاٽ (خوراڪ)
ٻاٽڦلو
آٽڻ
آچار (خوراڪ)
ٻري
است
برياني
انگوري سرڪو
انگوري شراب
بسري
بسڪوٽ
بسڪٽ
اٽو
ان
اناج
آراڙو (کاڌو)
بن (کاڌ خوراڪ)
بناسپتي گيهه
بند گوبي
بنگالو
بوڙينڊو2
بوندي
تلوڻا
ڀَتو
تنبو 2
تنبو 3
ٺوڙهي
تڙ 3
ڀوڳهڙو
توشو
تهري
تِر
ٽيرو
ٿڌڙي 2
ٿڌڙي 3
پِس
پاپڙ
پتاشو


.....کاڌ خوراڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن