آبِحيات

آبِحيات: امرت جل، اُهو پاڻي جنهن جي پيئڻ سان دائمي زندگي حاصل ٿئي، ان کي آبحيات چئبو آهي. ڏندڪٿائي روايتن مطابق خواجه خضر عليه السلام، بحر ظلمات ۾ وڃي اهو پاڻي پيتو، جنهنڪري دائمي زندگي مليس. آبحيات جي ڳولا ۾ سڪندر ذوالقرنين به نڪتو، مگر اهو پاڻي نه مليس. آڳاٽن لوڪن جو خيال هو ته آب حيات هڪ حقيقت آهي ان ڪري دنيا ۾ هر هنڌ موجود لوڪ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن ۾ اهڙي سدا حيات بخش پاڻيءَ يا مشروب جو تصور ملي ٿو. اڪثر قصن ۾ ديوتا ۽ شيطاني قوتون يا سورما ان پاڻي جي کوج ۾ مهمون سر ڪندا نظر ايندا آهن. هندو ڏند ڪٿائن ۾ ان کي ’امرت‘ چون ٿا جيڪو ديوتائن ۽ راڪاسن سمنڊ جو پاڻي ولوڙي حاصل ڪيو پر پوءِ ديوتائن دوکي سان اهو امرت پاڻ پي ڇڏيو يا راڪاسن کي دائمي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيو. اهڙا ئي قصا يوناني ۽ رومي ڏند ڪٿائن ۾ به موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو