داخلا ؛ 136
پڙهيو ويو ؛ 411
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2011-12-10


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آبڪاري

ٽائيٽل ؛ آبڪاري


شاخ : زراعت

آبڪاري (Excise ):هي عالمي معيشت جو هڪ اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي اهڙو ناڪو، محصول يا آبڪاري، جيڪا اهڙِين شين تي لاڳو ڪئي وڃي، جيڪي ملڪ اندر تيار ڪيون وڃن. -آبڪاري- (Excise) ملڪ جي ترقيءَ ۽ خرچ جي پورائيءَ لاءِ لاڳو ڪئي ويندي آهي. سمورين نشي آور شين، عياشي، آسائش ۽ آرائش جي سامان جي گهٽ واهپي ڪرڻ يا مالي وسيلن جي بحاليءَ تي سٺي اثر وجهڻ لاءِ خاص شين جي خريد، وڪري ۽ تياريءَ تي -آبڪاري- (Excise) ٽئڪس لاڳو ڪيو ويندو آهي. ساڳيءَ ريت سئنيمائن ۽ ٻين تفريح گاهن تي پڻ ”تفريحي ٽئڪس“ جي نالي سان -آبڪاري- محصول ورتو ويندو آهي. آبڪاريءَ مان وصول ٿيندڙ رقم، حڪومت ڪيترن ترقياتي ڪمن ۽ عوام جي ڀلائيءَ وارين رٿائن تي ڪتب آڻيندي آهي. آبڪاري، محصول يا ٽئڪس جي -تاريخ- پراڻي آهي. جاگيرداري دور ۾ ماڻهن کان محصول ورتو ويندو هو. شاهه لطيف به پنهنجي رسالي ۾ محصول جو نعم البدل (مَٽُ) لفظ ”رائر“ ڪم آندو آهي. جهڙوڪ،
نه ڪا جهل نه پل، نه ڪو رائر ڏيهه ۾! (شاهه)
جڏهن کان قومي رياستون وجود ۾ آيون، ملڪن ۾ صنعت ۽ حرفت جي -ترقي- ٿي ته واپاري نظرين جي جديد حڪمت عمليءَ هيٺ حڪومتن پنهنجي خرچ جي پورائيءَ لاءِ محصول ۽ ٽئڪس لاڳو ڪيا. آبڪاريءَ جا ڪيترا قسم ٿين ٿا: (1) محصول يا -آبڪاري- (Excise) (2) ڪسٽم (Custom)، ڪسٽم اهڙو محصول آهي، جيڪو رڳو ٻاهران ايندڙ يا ٻاهر ويندڙ شين تي لاڳو ٿيندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ هر سال بجيٽ ۾ نوان ٽئڪس لاڳو ڪيا ويندا آهن. هن وقت اسان جي ملڪ ۾ هر شيءِ تي -آبڪاري- ٽئڪس لاڳو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آبڪاري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آبڪاري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


زراعت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادگار
آبت
آبپاشي
آبدارُ
باراني پوک
آبڪاري
آبڪلاڻي
باغباني
آبيانو
ٻاڙوڌو
ٻانڌاڻ
ٻائڙ
ٻج
ٻجارڻ
ٻچ
ٻڏ
ٻرٽ
ٻرو
ٻگرو
ٻلهڻ (زراعت)
ٻنارو
ٻنڌ
ٻنگ لڻڻ
ٻنون (زراعت)
ٻني (زراعت)
ٻوٽا
ٻوهه (ٻج)
ٻهڙ
بئراج
براج
بري
آڌائون
اٺاس
اڏ
ايڪڙ
آوانڌو
آواندو
آهت
آئٺو
بيلدار
بوسڻ
بوسي
اوڀارا
اوڀارو2
بهه2
ڀاڃي
تلاءُ
تري 3
ٽنڊيل
ٿڏو
تاڦرو ڦار
تاڦر ڦار
پير مونا ڳڙهه گبر بند


.....زراعت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن