داخلا نمبر 154
عنوان آبھوا
شاخ ڌرتي
پڙهيو ويو 438 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
مندائتي آبهوا جو منظر

مندائتي آبهوا جو منظر

آبھوا

آبھوا: لفظي معنيٰ ”پاڻيءَ ۽ ھوا جي گڏيل ڪيفيت“. اصطلاحي معنيٰ ”ڪنھن ملڪ، شھر يا خطي جي موسمي طبعي حالت“. سنڌ ۾ چار مندون ٿين ٿيون: سيارو، بھار، اونھارو ۽ سرءُ. فيبروريءَ جي اڌ کان بھار يا بسنت جي مند شروع ٿيندي آھي، جيڪا ايل جي اڌ تائين ھلي ٿي ۽ پوءِ گرمي شروع ٿيندي آھي. مينھن جي موسم جون، جولاءِ کان شروع ٿيندي آھي. گرميءَ ۾ ٻنپھرن جو سج ڪاپار تي ھوندو آھي، جنھنڪري گرميءَ جو درجو وڌي ويندو آھي. جون جو مھينو سخت گرم ھوندو آھي. انھيءَ مھيني ۾ جيڪب آباد ۾ گرميءَ جو درجو 126 فارنهائيٽ ڊگرين تائين پھچي ويندو آھي. عام طرح اونھاري ۾ گرميءَ جو درجو 115 فارنهائيٽ ڊگريون ھوندو آھي. نومبر کان سياري جي مند شروع ٿي ويندي آھي. سياري ۾ ھوا اتر اڀرندي کان لڳندي آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن برسات به پوندي آھي.
ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو ۽ بدين ضلعا سامونڊي ڪناري سان لاڳو ھئڻ ڪري، اونھاري ۾ گھٽ گرم ۽ سياري ۾ گھٽ سرد ٿين ٿا. سرءَ جي رت تپاوليءَ ۽ پن ڇڻ جي رت ھوندي آھي ۽ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جا ڏھاڙا سرءَ ۾ شمار ٿيندا آھن. ھيءَ مند ڪڻڪ پوکڻ جي ھوندي آھي. سنڌ جي جدا جدا خطن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن وانگر گرميءَ توڙي سرديءَ جو درجو گھٽ وڌ به ٿيندو رھندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ڌرتي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبھوا
باغ
اتر
اتر قطب
اپٻيٽ
انود ڪاسائيءَ جي کڏ
ايڪڙ
بيابان
ڀارت ورش
توران
ڌرتي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون