داخلا جي تاريخ 2011-12-13
داخلا نمبر 211
عنوان آتش نمرود
شاخ مختلف
پڙهيو ويو 345 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آتش نمرود

آتِش نمرودُ: بابل جي بادشاهه نمرود طرفان حضرت ابراهيم عليه السلام کي ساڙڻ جي ارادي سان ٻاريل باهه. نمرود جو جوڙيل باهه جو آڙاهه، جيڪو هڪ فرسنگ (پراڻي وقت جي ماپ يعني 3 ميلن جي برابر) احاطي ۾ ٻارايو ويو هو. ان آڙاهه جي گرميءَ ۾ ايتري ته شدت هئي، جو چئن فرلانگن تائين ٿي پهتي. انهيءَ واقعي جو مڪمل تفصيل قرآن شريف ۾ به موجود آهي. انهيءَ آڙاهه ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام کي وڌو ويو هو، جيئن ته بابل جو بادشاهه نمرود خدائيءَ جي دعويٰ ڪندو هو. ان کان سواءِ پاڻ ۽ سندس قوم بتن جي پوڄا به ڪندا هئا، جيڪا ڳالهه حضرت ابراهيم کي پسند ڪا نه هوندي هئي. پاڻ انهن کي منع ڪندو هو ۽ هڪ خدا جي عبادت ڪرڻ جي هدايت ڪندو هو. ليڪن بابل وارا باز نه آيا. نيٺ هڪ ڏينهن حضرت ابراهيم وجهه وٺي، سندن سڀئي بت ڀڃي ڇڏيا، جنهن تي نمرود ۽ سندس قوم مڇرجي پئي. بابل وارن مطالبو ڪيو ته حضرت ابراهيم عليه السلام کي، يا ته قتل ڪيو وڃي يا کيس باهه ۾ ساڙيو وڃي. نيٺ حضرت ابراهيم کي باهه ۾ اڇلائڻ لاءِ تمام وڏو ڪاٺين جو ڍڳ تيار ڪيو ويو. اهو ڍڳ تيار ڪرڻ لاءِ هر شخص حصو ورتو، ايتري قدر جو عورتن پڻ پنهنجي خدائن کي راضي رکڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري اچي انهيءَ ڍير ۾ وڌيون. ڪيتري عرصي تائين ڪاٺيون گڏ ٿيڻ لڳيون. نيٺ هڪ جبل جيڏو آڙاهه تيار ٿي ويو. ان کان پوءِ انهيءَ آڙاهه کي باهه ڏني وئي. ڪجهه دير کان پوءِ، باهه مان نڪرندڙ اُلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ميلن تائين انهيءَ باهه جي روشني ۽ گرمي پهچڻ لڳي. جڏهن سڀ بندوبست مڪمل ٿي ويو، ته ان کان پوءِ حضرت ابراهيم جا هٿ ٻڌي، کيس انهيءَ آڙاهه ۾ اڇلايو ويو. ڪافر ته خوش هئا ته سندن خدائن جو دشمن جلد ئي سڙي ختم ٿي ويندو، پر جيئن ته حضرت ابراهيم جي دل ۾ ايمان جو نور ڀريل هو. الله تعاليٰ جي هيڪڙائي تي پورو پورو ڀروسو هئس، تنهن ڪري الله تعاليٰ هن کي بچائي ورتو. الله تعاليٰ باهه کي حڪم ڪيو، ته اي باهه ٿڌي ٿي وڃ ۽ ابراهيم تي سلامتي بڻجي پئه (سوره الانبياءَ) جنهن کان پوءِ باهه ٿڌي ٿي وئي. ان جي گرمي ۽ تپش ڦري آرام ڏيندڙ هير بڻجي وئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نمرود ۽ سندس ساٿي جاچ لهڻ لاءِ اتي پهتا، ته هڪ عجيب نظارو ڏسي حيران رهجي ويا، ڇو ته جنهن جاءِ تي آڙاهه تيار ڪيو هئائون، سا جاءِ باغ بستان ۾ بدلجي وئي هئي. اتي ساوڪ ۽ گل ڦل لهرائي رهيا هئا. حضرت ابراهيم عليه السلام کي نهايت خوش ۽ آرام سان پنهنجي ڪم ۾ مصروف ڏٺائون. ان معجزي کان پوءِ ڪيترائي ڪافر ايمان وارا ٿي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابِينَ
بادامي
بادگيرُ
بادِلو
بار/ ٻار
آبراڻي
آبـِـري1
آبـِـري2
بارلو
بازيگر
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون