آتش پرستي

آتش پرستي

آتش پرستي

آتش پرستي Fire Worship: تاريخ جي آغاز کان به اڳي باهه جي اهميت ۽ قدر سبب ان جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. باهه کي هڪ مقدس طاقت سمجهي ان کي هڪ ديوتا جهڙي اهميت ڏئي. پرستش ڪئي ويندي هئي. هندن جي قديم ويدن ۾ اگني ديوتا بابت بيان ملي ٿو. اگني ديوتا انسان ۽ ديوتائن وچ ۾ هڪ مقدس قاصد جي حيثيت رکندو هو. ديوتائن کي خوش رکڻ جي لاءِ، باهه جي قربانيءَ جو عملي تصور وجود ۾ اچي چڪو هو. ان ڪري گهرن ۽ مندرن ۾ هميشه باهه کي روشن رکيو ويندو هو. اگني ديوتا ڏانهن منسوب ٿيل ڪيترن ئي ڀارتي مندرن ۾ باهه کي قائم رکيو ويندو آهي. ان کان سواءِ زرتشت مذهب وارا پنهنجي آتشڪدي ۾ هميشه باهه کي ٻريل رکندا آهن. هابيل جي قربانيءَ جو تذڪرو واقعي ۾ پڻ باهه جي ملي ٿو. قديم يوناني هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن يا هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏانهن ويندا هئا، ته پاڻ سان باهه به ضرور کڻندا هئا. اولمپڪ راندين ۾، اولمپڪ مشعل کي روشن رکڻ جي پويان به، دراصل باهه جي تقدس کي برقرار رکڻ جي معنيٰ سمايل آهي. ايران ۾ زرتشتين، باهه جي پوڄا کي باقاعدي مذهب جي شڪل ڏئي ڇڏي هئي. هنن وڏا آتش ڪده تيار ڪيا، جن ۾ باهه کي هميشه روشن رکيو ويندو هو. هاڻي وري ايران ۾ پراڻا آتش ڪده آباد ٿي رهيا آهن. پارسي مذهب ايران ۾ ٻيهر ڪر موڙي رهيو آهي. دنيا ۾ جتي به پارسي آباد آهن، اهي باهه جي پوڄا ڪندا آهن. پارسي مذهب ۾ باهه کي مذهب جو روح ۽ مقدس ترين قوت سمجهيو وڃي ٿو. قديم اسرائيلي پڻ باهه جي پوڄا ڪندا هئا، پر حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پيغمبريءَ واري دور ۾ يهودين کي باهه جي پوڄا کان منع ڪئي ۽ فقط ”يهودا“ يعني خدا جي عبادت جي تعليم ۽ ترغيب ڏني. قديم يوناني فيلسوفن ارسطو ۽ افلاطون هن دنيا جي هر شيءِ کي چئن عنصرن جي پيداوار قرار ڏنو آهي. انهن ۾ پاڻي، مٽي، هوا ۽ باهه اچي ٿا وڃن پر ڪيترا فيلسوف باهه کي تخليق جي سڀ کان وڏي قوت ٿا سمجهن. هن وقت انساني ذهن، مذهبي خيالن ۽ رسمن کان باغي ٿي رهيو آهي. ماديت پنهنجي عروج تي آهي. تڏهن به ايران ۽ ٻين ملڪن ۾ زرتشتي پنهنجي مندرن ۾ باهه جا آڙاهه قائم ڪري ان کي هميشه ٻريل رکندا آهن ۽ ان جي باقاعدي پوڄا ڪندا رهندا آهن. سنڌ ۾ ٻهراڙين ۾ چلهه ۾ ٽاندو وسامڻ نه ڏيندا آهن، بلڪه رات جو ٽانڊو پوري ڇڏبو آهي ۽ صبح جو ڪک ڪهڄر وجهي ٽانڊي کي هوا هڻي يا ڦوڪ ڏئي باهه ٻاربي آهي. اهو به لاشعوري طور باهه جي تصور جي باقيات آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو