داخلا نمبر 218
عنوان آتشي ڪائو
شاخ اوزار
پڙهيو ويو 483 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آتشي ڪائي جو هڪ نمونو

آتشي ڪائي جو هڪ نمونو

آتشي ڪائو

آتشي ڪائو: (Magnifying Glass) هن شيشي جي مدد سان ننڍين شين کي وڏو ڪري ڏسي سگهبو آهي. هن شيشي جي مٿاڇري جي ساخت اهڙي قسم جي هوندي آهي، جو روشني ۽ گرميءَ جي لهرن کي گڏ ڪري يا نقش ڪري سگهبو آهي ۽ لهرن کي گڏ ڪري هڪ ٽٻڪي جي صورت ۾ آڻيندو آهي، جو ان ۾ گرمي گڏ ٿي ڪنهن ڪپڙي، ڪاغذ ۽ ڪاٺيءَ کي پڻ ساڙي سگهي ٿي. تنهنڪري ان کي آتشي ڪائو سڏجي ٿو. اهو عمل ان ڪري ٿئي ٿـو ته جڏهن روشني ڪـنهن شيشي يا پاڻيءَ وغيره مـان نــڪري ٻئي ڪنهن شيءِ ڏانهن وڃي ٿي ته انهن شعاعن جو رخ تبديل ٿي وڃي ٿو. اهڙا شيشا مائڪرو اسڪوپ، ڪئمرائن ۽ عينڪن ۾ پڻ استعمال ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

اوزار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آتشي ڪائو
بانڪ
آٽيرڻ
بجلي پرکڻو
ٻارٽ (اوزار)
ٻلهڻ (اوزار)
ٻلي (اوزار)
برمو
اميٽر
آر
اوزار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون