داخلا نمبر 228
عنوان آتم تلريجا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 646 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آتم تلريجا

آتم تلريجا: ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار. روهڙيءَ (سنڌ) ۾ 9 نومبر 1936ع تي جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو ۽ دهليءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن 40 کان مٿي سنڌي، هندي ۽ پنجابي ناٽڪن جهڙوڪ: ’مومل راڻو‘، ’سنڌين سنڌ ڇڏي‘، ’اَمي يا ممي‘، ’زال ڪري تال‘، ’الٽي گنگا‘، (سنڌي) ’پاڳل‘، ’اُلجهن‘، ’سوهڻي مهيوال‘ (هندي) ’چڪر په چڪر‘ ۽ ’بيبي بڻي ولايتي‘ (پنجابي) وغيره ۾ اداڪاري ۽ هدايتڪاري ڪيل اٿس. ان کان سواءِ آل انڊيا ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تان به گهڻائي ناٽڪ پيش ٿيل اٿس. ’ڪرائي ڪا مڪان‘، ’سنيوگ‘ ۽ ’خالي صاحب‘ هنديءَ سان گڏ ’بيبي بڻي ولايتي‘ (پنجابي) ۽ آل انڊيا سنڌي ناٽڪ چٽاڀيٽي 1978ع ۾ ’ڏوهي ڪير‘ ناٽڪن لاءِ بهترين اداڪاريءَ جو انعام حاصل ڪيائين. هن جو ديهانت 8 نومبر 2008ع تي 72 سالن جي عمر ۾ ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.09  عيسوي

آتم تلريجا روهڙيءَ ( سنڌ ) ۾ 9 نومبر 1936ع تي جنم ورتو .


2008.11.08  عيسوي

آتم تلريجا جو ديهانت 8 نومبر 2008ع تي 72 سالن جي عمر ۾ ٿيو .


  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون