آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي

آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور صوفي، اديب ۽ ليکڪ ڄيٺمل پرسرام جو لکيل آهي، جيڪو ”برهم وديا مالا“ جي سلسلي جو چوڏهون نمبر ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ لکي، هڪ هنڌ گڏي ڏنو ويو آهي. پهريون ڀاڱو ”آتم ويچار“ ۽ ٻيو ڀاڱو ”اوم جي آکاڻيءَ“ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي تعليم ڏنل آهي، جنهن مطابق خارجي نجات، اندر جي نجات کان سواءِ ناممڪن آهي. 39 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت اَٺ آنا رکيل آهي ۽ بُنڌو آشرم حيدرآباد پاران، بلئوٽسڪي پريس، حيدرآباد مان ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو