آتم ڦلواڙي

آتم ڦلواڙي (ڪتاب ): هن ڪتاب جو ترجمو ڪندڙ بولچند تولارام آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب ۾ 467 صفحا آهن، جنهن جي قيمت ڏيڍ رپيو ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، اسٽئنڊرڊ پرنٽنگ ورڪس، حيدرآباد مان سال 1916ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو، سَنت ڌرم چندر طرفان پيپلز پرنٽنگ پريس مان 1938ع ۾ ڇپايو ويو.
هن نالي سان ٻيو هڪ ننڍو ڪتاب پرمانند جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڇپائيءَ جو سال ڄاڻايل ناهي، ۽ قيمت ڏيڍ رپيو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب سنت ڌرم پريس مان ڇپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو