داخلا ؛ 222
پڙهيو ويو ؛ 411
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2011-12-13


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آتما

ٽائيٽل ؛ آتما


شاخ : قدرت

آتما: ”آتما“ روح، ذات ۽ -برهما- جي صفاتي نالي طور ڪم ايندو آهي. هندو ڌرم جي عظيم فلسفي ۽ شارح شنڪر آچاريا جي خيال موجب غير فاني، مطلق ۽ ڪائناتي روح سان هم آهنگ ٿين ٿا ۽ اها ئي -آتما- آهي. -اپنشد- ۾ ڄاڻايل آهي ته ”جيئن ته -آتما- واحد ۽ حقيقت مطلق آهي، ۽ اها ئي -آتما- آهي، تنهنڪري ”آتما“ کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه ”مايا“ آهي، وهم ۽ نظر جو دوکو آهي“، -آتما- کي زوال ناهي، شنڪر آچاريا جي خيال مطابق: ”روح مڪتي حاصل ڪري سگهي ٿو ڀڳتيءَ ذريعي ۽ -ان- کانپوءِ ئي ”آتما“ سان ملي سگهندو.“ حقيقت ۾ ”آتما“ هندو فلسفي جو اهڙو اصطلاح آهي، جيڪو -تصوف- سان گهڻو ملي ٿو، -ان- ڪري هندو ڌرم جي فلسفين جو چوڻ آهي ته ”آتما، حقيقت مطلق آهي -ان- ڪري حقيقت مطلق جو اسرار ڪڏهن به بيان ڪري نه ٿو سگهجي.“




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آتما- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آتما - مان نڪتل ٻيون شاخون-


قدرت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آتما
ٻرندڙ جبل
ٻڪر وال
ٻوڏ
ٻوهل
ٻيٽاري
ٻيلا
ٻه درياھي
برزخ
برسات
برف باري
بهشت


.....قدرت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن