آثم ناٿن شاهي

آثم ناٿن شاهي

آثم ناٿن شاهي

آثم ناٿن شاهي: غلام رسول سولنگيءَ جو ادبي نالو آثم ناٿن شاهي هو. هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس شمار ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. آثم ناٿن شاهي پنج درجا سنڌي پڙهڻ کان پوءِ عربي ۽ فارسي تعليم پنھنجي ناني مولوي فيض محمد ’پريشان‘ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ الھرکيي جلباڻيءَ جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي. پيشي جي لحاظ کان پاڻ ڪڏهن مزدوري، ڪڏهن کيتي ته ڪڏهن خانگي ملازمت ڪري گذر سفر ڪندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو. 1962ع کان پوءِ مشھور شاعر ’محسن‘ ڪڪڙائيءَ جي اصلاح هيٺ شعر چوڻ لڳو. ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ خيرپور ناٿن شاهه سان وابسته ٿي علمي، ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1963ع ۾ ”محسن ڪڪڙائي“ سان گڏجي ”اداره فلاح و بھبود خيرپورناٿن شاهه“ قائم ڪيو ۽ هڪ لائبرري به کوليائين. سندس شاعري جا مجموعا ”جڏهن اُلا اُڀ ۾“ (1994ع) ۽ ”لھرون لھرون لاٽ“ (1998ع)، ”ڇا چيس آئيني؟“ (2006ع)، ”ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا“ (2006ع)، ”سامرين جي شھر ۾“ (2009ع) ۽ ”شاعري“ (2018ع) شايع ٿيل آهن. جڏهن ته نثر جو ڪتاب ”مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو“ (سھيڙيندڙ: ذوالفقار گاڏهي) 2020ع ۾ شايع ٿيو. کيس ادبي خدمتن جي مڃتا طور ”ڪينجهر ادبي بورڊ“ (1994ع) ۽ سنڌي ادبي سنگت طرفان سندس ڪتاب تي نقد انعام مليا. 6 آڪٽوبر 2006ع تي وفات ڪئي.


لفظ آثم ناٿن شاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1973.01.02  عيسوي

هن 2 جنوري 1937ع تي ڳوٺ کاٿڙي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ضلعي دادوءَ ۾ الله بخش سولنگيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو هو


2006.10.06  عيسوي

آثم ناٿن شاهي، سندس وفات 6 آڪٽوبر 2006ع تي ٿي .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽو مدهوش
رضوي همت علي شاهه
پرويز سجاد حيدر
پنائي مبين
خطائي ٿيٻو
سلطان علي شاهه
اشرف زمان پير چنڊامي
رضوي سيد زوار حسين شاهه
علي نواز ڏاهري
احمد بخش احمد مورائي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون