داخلا جي تاريخ 2012-03-06
داخلا نمبر 1843
عنوان آخوند حاجي دين محمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 455 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آخوند حاجي دين محمد

آخوند حاجي دين محمد: آخوند حاجي دين محمد ولد آخوند خير محمد سانوڻي قريشي، هالا پراڻا جو رهاڪو، قابل بزرگ ٿي گذريو آهي، سندس شعر سنڌيءَ ۽ فارسيءَ ۾ گهڻو چيل آهي، مثلاً:
ننڊ کي غافل ڇڏي ڏي، ننڊ ناداني اٿئي،
روز شب رهه روڄ ۾، هيءُ روح رحماني اٿئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو