داخلا نمبر 1860
عنوان آخوند حافظ ولي محمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 475 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آخوند حافظ ولي محمد

آخوند حافظ ولي محمد: آخوند حافظ ولي محمد ولد آخوند حافظ حاجي محمد قاسم جي ولادت 17 جمادي الثاني 1274ھ/ 16 آڪٽوبر 1867ع اربع ڏينھن تي ھالن ۾ ٿي. قرآن شريف پنھنجي والد وٽ پڙھيائين. نھايت عبادت گذار، نيڪ ۽ پرھيزگار شخص ھو. مخدوم ظھيرالدين ھالائيءَ جا ڪپڙا سبندو ھو ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو استاد ھو ۽ کيس قرآن شريف جي تعليم ڏني ھئائين. آخوند صاحب ڪپڙي ۽ سون جو وڏو ڄاڻو ھو. پاڻ درزڪو ڪم به ڄاڻندو ھو. 30 محرم الحرام 1353ھ/ 15 مئي 1944ع تي ھالن ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1867.10.16  عيسوي

آخوند حافظ ولي محمد ولد آخوند حافظ حاجي محمد قاسم جي ولادت 17 جمادي الثاني 1274ھ/ 16 آڪٽوبر 1867ع اربع ڏينھن تي ھالن ۾ ٿي


1944.05.15  عيسوي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون