داخلا ؛ 4198
پڙهيو ويو ؛ 612
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-02


تصويرون




ٽائيم لائين

1903.00.00-A.D
آخوند شيخ ميان فيض 1903ع ڌاري وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--آخوند شيخ ميان فيض

ٽائيٽل ؛ آخوند شيخ ميان فيض


شاخ : ديني عالم

آخوند شيخ ميان فيض: مشهور عالم ۽ شاعر -آخوند- فيض محمد ولد -آخوند- فتح محمد فيبروري 1829ع ڌاري روهڙيءَ ۾ -جنم- ورتو. سندس والد وڏو عالم هو. -آخوند- فيض محمد پنهنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پنهنجي خاندان متعلق لکيو آهي ته پنهنجي والدين کان پڇيو اٿم ته اسان جو وڏو ڏاڏو يا سڀ کان پهريون بزرگ شيخ دين محمد نالي هڪ نئون مسلمان هو. هو اصل ۾ روهڙي شهر جو هندو هو. هن بزرگ پنهنجي والده سان گڏ -اسلام- قبول ڪيو شيخ دين محمد جي يارهين پشت مان -آخوند- فيض محمد جو ڏاڏو شيخ محمد اڪرم وڏو عالم هو، جنهن جو روهڙيءَ جي مشهور ”خالدي قاضين واري مسجد“ ۾ مدرسو قائم ٿيل هو. -آخوند- ميان فيض محمد چوڏهن سالن جي عمر ۾ موچڪو ڪم سکيو، جنهن جو ذڪر هن پنهنجي ڪتاب ”ناله زار“ ۾ پڻ ڪيو آهي. اهو دؤر سنڌ جي -ٽالپر- حڪمرانن ۽ انگريزن درميان سياسي ڪشمڪش جو دؤر هو. هن موچڪي ڪم سکڻ کان پوءِ روهڙيءَ جي هڪ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جي -تعليم- حاصل ڪئي. عربي، فارسي ۽ ديني علمن سان گڏو گڏ رياضي، نجوم، ابجد، صرف و نحو، -تاريخ ۽ جاگرافي- وغيره ۾ مهارت حاصل ڪيائين. انهن علمن سان گڏ کيس سنڌي ۽ فارسي، نظم خواه نثر ۾ وڏو عبور حاصل هو، خوش نويسيءَ ۾ ماهر هو. خط نسخ ۽ نستعليق ۾ دسترس حاصل هئس ۽ -انگريزي- به چـڱي ڄاڻندو هو. -تعليم- جي حصول کان پوءِ درس وَ تدريس ڏيڻ شروع ڪيائين.
6 -جولاءِ- 1851ع کان هڪ سال تائين روهڙيءَ جي ڀرسان زميندار جانب ڌاريجي جي پٽ، الهڏني ڌاريجي کي مروج سنڌي ۽ فارسيءَ جي -تعليم- ڏيڻ لاءِ وٽس ملازم ٿي رهيو. سال بعد اتان ڇڏي روهڙيءَ جي ڪوٽ مير يعقوب عليءَ ۾ -استاد- ٿي رهيو. -ان- بعد جڏهن انگريزن سنڌ ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪرايا ۽ -ٽپال- کاتي جو سرشتو شروع ٿيو ته پاڻ خانگي نوڪري ڇڏي روهڙيءَ جي پوسٽ آفيس ۾”چالان نويس“ مقرر ٿيو،ڪجهه عرصي بعد اها نوڪري ڇڏي روهڙيءَ -بندر- تي ”ناڪي منشي“ مقرر ٿيو. -ان- دوران -انگريز- عملدارن سر بارٽل فريئر، ميجر گولڊ اسمٿ ۽ آر-ڪوپر وغيره سان سندس دوستانه تعلقات قائم ٿيا. سر -بارٽل فريئر- سندس علمي قابليت ڏسي 1885ع ۾ ناڪي منشي -تان- بدلي ڪري کيس روهڙي شهر جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر مقرر ڪرايو. -جتي- باقي زندگي علم ڏئي رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ روهڙي شهر ۾ مڪتب کوليائين ۽ ڪجهه عرصو سول ڪورٽ جي ڀرسان عريضي نويسيءَ جو ڪم ڪيائين، جنهن جو مئجسٽريٽ کان سرٽيفڪيٽ مليل هئس. پاڻ نقشبندي طريقي جي سلسلي سان منسلڪ هو ۽ درگاهه
شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي سجاده نشين پير ميان مدد علي شاهه جي هٿ تي -بيعت- ڪري مريد ٿيو هو. کيس نرينو اولاد ڪو نه هو ۽ هن زال کي به طلاق ڏئي ڇڏي، -ان- ڪري زندگيءَ جا پويان ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ گذاريائين. سندس تصنيفن مان ناله زار (قلمي)جيڪو فارسيءَ ۾ آهي ۽ ’ڪريما سعدي‘ (قلمي) جيڪو سعديرح جي ”ڪريما“ جو منظوم ترجمو آهي. -ان- کانسواءِ سندس قلمي صورت ۾ ڪيترائي سنڌي -اردو- ۽ فارسيءَ ۾شعر ملن ٿا، هن ڪيترن عالمن جي وفات تي قطعه تاريخون چيون. 1903ع ڌاري وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد لاءِ ضميمو (پنجون جلد)

ڇا اوهان وٽ -آخوند شيخ ميان فيض- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آخوند شيخ ميان فيض - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ديني عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
احمد شاهه ذاڪري
ابڙو احمد
ابڙو عبدالڪريم چشتي
ابڙو محمد سليمان سليم
ابڙو مولوي حڪيم قاضي خاڪ
آخوند رحمت الله سانوڻي ھالائي
آخوند عزيزالله ميمڻ
ابوالاعليٰ مودودي
ابوالطيب سنڌي
ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي
ابوالعباس احمد منصوري
ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي
ابوالمڪارم شھود ٺٽوي
ابوبڪر شبلي
ابوبڪر قاضي
ابو حنيفه بکري قاضي
ابو عبدالملڪ محدث سنڌي
ابو عطا سنڌي
ابو علي سنڌي
ابو محمد سالم سنڌي
ابو محمد هالائي مخدوم
ابو معشر السندي
ابو نصر بن عبدالله سنڌي
احتشام الحق ٿانوي مولانا
احمد ٺٽوي ملا
احمد شاهه بخاري بکري
احمد ھالائي مخدوم
بگائي مخدوم غلام محمد
ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي
احمد مولوي
الحاج سيد پير الهيار شاهه
امام نسائي
آخوند شيخ ميان فيض
امام ابو دائود
ٽکڙائي حافظ محمد يوسف
جلال محمد مخدوم
جلال محمد مخدوم2
جلال محمد هالائي مخدوم


.....ديني عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن