داخلا ؛ 1868
پڙهيو ويو ؛ 1150
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-06


تصويرون


hameed-akhwand.jpg
آخوند عبدالحميد
آخوند عبدالحميد



ٽائيم لائين

1945.03.30-A.D
آخوند عبدالحميد حيدرآباد شهر ۾ 30 مارچ 1945ع تي جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--آخوند عبدالحميد

ٽائيٽل ؛ آخوند عبدالحميد


شاخ : شخصيت

آخوند، عبدالحميد: -آخوند عبدالحميد- ولد -آخوند- الهبچايو، اصل مٽياريءَ جي صديقي خاندان سان تعلق رکي ٿو. پاڻ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائود پوٽي جو ڏوهٽو آهي، هن حيدرآباد شهر ۾ 30 مارچ 1945ع تي -جنم- ورتو، ابتدائي -تعليم- حيدرآباد مان ورتائين.
آخوند صاحب ملازمت جي شروعات 1968ع ۾ نيشنل سينٽر حيدرآباد جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بعد -تعليم- کاتي سنڌ جي ڪلچرل ونگ ۾ 1976ع ڌاري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1988ع ۾ جڏهن حڪومت سنڌ، -ثقافت- کاتي کي -تعليم- کاتي کان ڌار ڪري هڪ محڪمي جي صورت ڏني ته حميد -آخوند- صاحب -ان- جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، اڳتي هلي سيڪريٽري -ثقافت- جو عهدو سنڀاليائين، جنهن عهدي تي هڪ مختصر عرصو ڇڏي، 2000ع تائين لڳاتار رهيو. -ان- دوران هن جناح ڪورٽس ڪراچي رينجرس کي ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن تي کيس 12 ڊسمبر 2000ع تي عهدي -تان- هٽايو ويو. -آخوند- صاحب پنهنجي دور ۾ -ثقافت- ۽ سياحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي هر لحاظ کان -بين- الاقوامي سطح تائين نمايان ڪيو. -ان- حد تائين جو ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ توڙي -پاڪستان- جي نمائندگيءَ لاءِ حميد -آخوند- صاحب جي شرڪت ۽ موجودگي لازمي سمجهي ويندي هئي. حميد -آخوند- سنڌ جي -ثقافت- جي سمورن نمائنده پهلوئن کي اُجاگر ڪيو ۽ -ان- جي افاديت، اهميت ۽ عالمي حيثيت کي مَدِ نظر رکي، -ان- جي تحفظ لاءِ اثرائتي جاکوڙ ڪندو رهيو. هن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ -ثقافت- کاتي پاران سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلاسيڪي، ادب، لطيفات، -آثار قديمه- ۽ ٻين موضوعن بابت انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپرايا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، سيوهڻ، ثقافتي مرڪز، سچل اڪيڊمي خيرپور، سنڌ آرڪائيوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ۽ لائبريريون سندس دم قدم ۽ محنت سان قائم آهن. -آخوند- صاحب جي ئي محنتن سان نه رڳو -ثقافت- کاتي کي وڏي پذيرائي ملي، پر -پاڪستان- جي سمورن صوبن مان سنڌ پهريون صوبو هو، -جتي- -ثقافت- کاتي جو وجود پيو ۽ هن کاتي سان سياحت، نوجوانن جي مسئلن، سماجي ڀلائيءَ ۽ راندين جا کاتا به شامل ڪيا ويا. -آخوند- صاحب سنڌ -آرڪائيوز- ۽ آرڪيالاجيءَ جي شعبي کي به هن کاتي سان ملائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ هيريٽيج ڪائونسل جوڙي سنڌ جي قديم عمارتن کي قومي ورثي جو درجو ڏياريو. -آخوند- صاحب پنهنجي دوست ۽ سنڌي راڳ ۽ -ثقافت- جي ڄاڻو، ممتاز مرزا کي -ثقافت- کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرر ڪرايو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي -ثقافت- جي محسنن سنڌ جي راڳ ۽ -ثقافت- جي ”ڪلچرل فلوٽن“ (Cultural Floats) کي -پاڪستان- ۽ دنيا جي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ۽ سنڌ جي فنڪارن، ڪلاڪارن ۽ سازندن کي سڄيءَ دنيا اندر شهرت ڏياري. پيپلز پارٽيءَ جي 1993ع واري دور ۾ -آخوند- صاحب -برطانيا- ۾ هڪ اهم ”سنڌ ثقافتي شو“ ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرايو ۽ سنڌ کي ثقافتي لحاظ کان دنيا ۾ پذيرائي ڏياري. -آخوند- صاحب سنڌ جي راڳ ۽ لطيفات جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ممتاز مرزا، شيخ محمداسماعيل، ظفر ڪاظمي ۽ ٻين شخصيتن جي صحبت ۾ رهيو. هي -ثقافت- کاتي جو واحد سيڪريٽري هو،جيڪو شاهه لطيف جي ميلي جون ڪارروايون خود هلائيندو هو. جيتوڻيڪ اها ذميواري هن ممتاز مرزا جي حوالي ڪئي هئي، پر ڪڏهن پاڻ به سندس مددگار ٿيندو هو. اهو سندس -ثقافت- سان عشق جو ثبوت آهي. -آخوند- صاحب جي دور ۾ -ثقافت- کاتي جي هٿ هيٺ هلندڙ ادبي بورڊ کي -ترقي- ملي، پهريون ڀيرو سنڌي ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ شروع ٿي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام جي سمري جيتوڻيڪ اڳ تيار ڪئي وئي هئي، پر -ان- جي عملي وجود ۾ -آخوند- صاحب جو به ڪردار آهي. هن سنڌ جي فنڪارن جي ڏکين گهڙين ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ فنڪارن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا.
آخوند صاحب کي -اردو- زبان جي فنڪار ”لهريءَ“ جي مناسب مدد نه ڪرڻ جهڙي معمولي ڳالهه -تان- -ثقافت- کاتي مان هٽايو ويو. بعد ۾ هو مائينس ۽ منرل ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري رهيو، جتان رٽائر ڪيائين، رٽائرمينٽ بعد کيس عهدي تي 2 سال وڌيڪ ايڪسٽينشن ڏني وئي، جتان سنڌ جي آخري نگران حڪومت 2007ع ۾ کيس -ان- عهدي -تان- بدلي ڪيو. -انگريزي- -اخبار- ”ڊيلي ٽائيم“ سندس بدليءَ جو ڪارڻ ’ٿرڪوئلي جي ترقيءَ لاءِ سندس زبردست وڪالت کي ڄاڻائيندي‘ سُرخي لڳائي ته:
“Pro Thar Coal Beaurocrat Transfered”
يعني ”ٿر ڪوئلي جو حامي ڪامورو بدلي ٿي ويو“
آخوند صاحب ”ليجينڊ ٽرسٽ“ جو ڊائريڪٽر رهيو آهي، جنهن ذريعي اديبن، عالمن ۽ فنڪارن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي، -آخوند- صاحب مهاٽا پئلس جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر آهي. يونيسڪو جي هيريٽيج ڪائونسل ۽ دنيا جي ڪيترن ثقافتي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر رهيو آهي. -آخوند- صاحب جا شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ هيٺيان -ٻه ڪتاب- ڇپيل آهن.
1. Bhitai, The Message of The Master: an Anthology of Commentaries on the Poetry of Shah Abdul Latif (1993).
2. Shah Abdul Latif, His Mystical Poetry (1991).
17 -جولاءِ- 2009ع تي -آخوند عبدالحميد- کي -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- ڄامشوري جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، -جتي- هن چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سندس ثقافتي خدمتون سنڌ جي -تاريخ- ۾ ياد رهنديون.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آخوند عبدالحميد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آخوند عبدالحميد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن