داخلا ؛ 1542
پڙهيو ويو ؛ 631
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-21


تصويرون




ٽائيم لائين

1272.00.00-Hijree
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي: آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي ، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه/1855ع جنم ورتو .

1855.00.00-A.D
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي: آخوند عبدالرحمان ڀٽي ولد آخوند ڇٽو ڀٽي ، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه/1855ع جنم ورتو .

1329.00.00-Hijree
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي، آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت فرمائي ويو .

1911.00.00-A.D
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي، آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت فرمائي ويو .




sindhianaسنڌيانا--آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي

ٽائيٽل ؛ آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي


شاخ : عالم

آخوند عبدالرحمان -ڀٽي- سيتائي: -آخوند- عبدالرحمان -ڀٽي- ولد -آخوند- ڇٽو ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾ 1272هه/1855ع -جنم- ورتو. پنهنجي والد بزرگوار کان علم جي تحصيل ڪيائين. اسلامي علمن ۾ ماهر بڻيو ۽ عربي، فارسي تي عبور حاصل ڪيائين. سٺو خوش نويس ۽ خطاط به هو. سندس ڇڏيل تبرڪن مان هڪ ڪتابچو سندس هٿ اکرن سان لکيل مليو آهي، جنهن ۾ هن محمود نامه کي پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي. هي ننڍڙو فارسي قلمي نسخو سڄو ڪاري مس سان لکيو اٿس. جڏهن ته مشڪل فارسي لفظن جي معنيٰ به لکي اٿائين، جنهن لاءِ هن ڳاڙهي مس استعمال ڪئي آهي. -ان- ڪتابچي جو پهريون پنو يعني پهريون غزل زماني جي گردش سبب گم ٿيل آهي. باقي سمورا غزل صحيح سلامت آهن، آخر ۾ هيٺيان لفظ لکي اهو ڪتابچو پورو ڪيو اٿائين.
تمام شد ازدست پر تقصير مسکين عبدالرحمان
الاهي هر آنکس که آنخط نوشت گناهش کني عفو، بخشي بهشت
ان کانپوءِ هي شعر لکيو اٿائين.
مرويسنده راخد اي عليم برهانيش اي عذاب اليم
آخوند خاندان جو هي فرزند ڇاونجاهه سالن جي عمر ۾ سال 1329هه/1911ع ۾ رحلت فرمائي ويو. کانئس پوءِ سندس -ڀاءُ- -آخوند- مولانا -الله- بخش ڀٽيءَ مڪتب هلايو. محمود نامي جي ڪتابت ۽ معنيٰ کانسواءِ سندس ڪافي ذاتي عربي ۽ فارسي تحريرون لکت ۾ موجود هيون جي پويان سنڀالي نه سگھيا آهن. ممڪن آهي ته ڪي چند تحريرون بچيل هجن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيون (ضميمو جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن