داخلا نمبر 1878
عنوان آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
شاخ عالم
پڙهيو ويو 908 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آخوند عبدالرحيم وفا عباسي

آخوند عبدالرحيم ”وفا“ عباسي: 19 صديءَ جو برک سنڌي عالم ۽ مشهور سنڌي ليکڪ آخوند عبدالرحيم ’وفا‘ عباسي، اصل ڳوٺ قبي سعيد خان تعلقي شهدادڪوٽ ضلعي لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ جي صحيح خبر ڪا نه آهي. آخوند عبدالرحيم عباسي، شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ قبي سعيد خان ۾ حاصل ڪئي. وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن جي سوچ ويچار ۾ فرق ايندو وڃي ٿو. تيئن آخوند عبدالرحيم عباسي، جڏهن وڏو ٿيو ته پنهنجي اباڻي ڳوٺ کي خير آباد چئي اچي ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳو. آخوند صاحب پنهنجي محنت، دانائيءَ ۽ ادبي لياقتن جي ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ ڪراچيءَ جي نالي وارن ليکڪن ۽ اديبن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر واري دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعليمي ۽ نصابي ڪتابن جي تياريءَ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن لاءِ ڄاڻو ماڻهو گهربل هئا. اڳتي هلي تعليم کاتي لاءِ ورنيڪيولر ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن جي آڏو ڄاڻو اديب سنڌي ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪري ڇپائيءَ لاءِ پيش ڪرڻ لڳا. آخوند عبدالرحيم به انهن مان هڪ هو. آخوند عبدالرحيم جي ادبي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هيءُ سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو واحد فرد هو، جنهن ڪوهستان جي ليکڪن ۽ شاعرن جي دلين ۾ علم ۽ ادب جو چاهه جاڳايو. آخوند عبدالرحيم جي خدمتن جي ڪري ئي ڪوهستاني ليکڪن ۽ شاعرن جا ڪتاب ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ ڇپايا. آخوند عبدالرحيم ڪاڇي، ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي شاعرن ۽ سگهڙن جا جوڙيل قصا ۽ داستان توڙي ٻيا اعليٰ معنيٰ ڀريل بيت گڏ ڪيا ۽ پوءِ انهن کي سوڌي سنواري جدا جدا ڪتابن جي صورت ۾ ”تعليم کاتي لاءِ“ ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ۽ انهن کي ڇپائڻ لاءِ منظور ڪرايو. هن جيڪي ڪتاب مرتب ڪيا، تن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) ڪتاب ”هر گنيو“1273هه/1857ع ۾ مرتب ڪيائين، جيڪو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تصحيح سان سال 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
(2) ”قصو وڪيي ڏاتار جو“، آخوند عبدالرحيم 14 جون 1870ع تي ٺاهي تيار ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو.
(3-4) ”قصو جمجمه سلطان“ ٺاهيل شاعر ”مير“ جو ۽ ”قصو بهرام شاهه جو“ جوڙيل ڇتي کٽيءَ جو، اهي ٻئي قصا پڻ آخوند عبدالرحيم ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو رکيا، پر ڇپجي نه سگهيا.
(5) ”قصو دلوراءِ جو“، جيڪو پهريون دفعو سال 1870ع ۾ ڇپيو.
(6) ”قصو سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو“، جيڪو 1870ع کان پوءِ ٻه ڀيرا ڇپيو.
(7) ”قصو عمر ماريءَ جو“، جيڪو پڻ ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ ڇپايو.
(8) ”قصو سسئي پنهونءَ جو“ ٺاهيل محمد عارف ڪلهوڙي جو، جيڪو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ 1867ع کان اڳ ڇپيو.
(9) ”قصو ڪوئا ۽ ٻلي“ جوڙيل خير شاهه جو، جيڪو ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ چونڊيو ۽ 1872۾ ڇپيو.
(10) ”قصو عجائب شاهه جو“، جوڙيل شاعر لؤنگ جو، آخوند عبدالرحيم، ورنيڪيولر ڪاميٽيءَ آڏو ڇپائيءَ لاءِ پيش ڪيو.
آخوند عبدالرحيم جي لکڻي سهڻي ۽ آسان لفظن سان جُڙيل هوندي هئي. سندس ڪتاب ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ڪتاب جي تصنيف وقت آخوند عبدالرحيم، سنڌي الف- بي ۽ سنڌي صورتخطيءَ بابت علمي لحاظ سان سوچيو ۽ ان سلسلي ۾ ڪي نوان رخ پيش ڪيا. هڪ ته خالص سنڌي اُچار وارن اکرن مان ڪن کي ڪي نيون صورتون ڏنائين ۽ ٻيو الف- بي جي ترتيبوار سٽاءَ قائم ڪيائين، جيڪا ”جواهر اللغات سنڌي اڪيچار“ جي مقدمي ۾ ڏنل آهي، ٽيون ته لفظن جي صورتخطيءَ ڏانهن چڱو خاصو ڌيان ڏنائين. ”جواهراللغات سنڌي اڪيچار“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقدمي سان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 1993ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي آهي. آخوند عبدالرحيم سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ ۽ ڪوهستاني پٽيءَ جي سنڌي ادب جو سرواڻ، 1880ع ڌاري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو