آخوند عزيزالله ميمڻ

آخوند عزيزالله ميمڻ: آخوند عزيزالله ولد آخوند نورالله ذات ميمڻ، مٽيارين جو رهاڪو هو، سندس جنم 22 شوال 1160هه/ 16 آڪٽوبر 1747ع تي ٿيو. سندس وڏا ٺٽي جا رهاڪو هئا، پوءِ اچي مٽيارين ۾ ويٺا. آخوند عزيزالله ابتدائي تعليم مولوي محمد عثمان وٽ ورتي. عربيءَ ۾ مهارت حاصل ڪيائين. حديث، تفسير، فقهه، تصوف ۽ معقولات ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ درس ۽ تدريس جون خدمتون انجام ڏنائين. آخوند عزيزالله جو وڏو ڪارنامو اهو ليکجي ٿو ته پاڻ سنڌي نثر ۾ تحت اللفظ قرآن پاڪ جو
ترجمو ڪيائين، جيڪو سنڌي نثر ۾ نظماڻي نثر جو مثالي نمونو ليکجي ٿو. آخوند عزيزالله لنواريءَ وارن بزرگن جو عقيدتمند هو. درس ۽ تدريس جي لحاظ کان سندس شاگردن جو تعداد تمام گهڻو رهيو. هن 77 ورهين جي ڄمار ۾، 13 رمضان المبارڪ 1240هه / 3 مئي 1825ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه مٽياريءَ ۾ آخوندن جي مُقام ۾ واقع آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1747.10.16  عيسوي

آخوند عزيزالله ميمڻ 22 شوال 1160هه/ 16 آڪٽوبر 1747ع تي ٿيو .


1825.05.03  عيسوي

آخوند عزيزالله ميمڻ 13 رمضان المبارڪ 1240هه / 3 مئي 1825ع تي وفات ڪئي .



ديني عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابوالمڪارم شھود ٺٽوي
قاضي ابو حنيفه بکري
ابوبڪر شبلي
ابو محمد سالم سنڌي
آخوند عزيزالله ميمڻ
ابوالطيب سنڌي
ابو معشر السندي
ابو محمد هالائي مخدوم
ابو علي سنڌي
ابو نصر بن عبدالله سنڌي
ديني عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون