داخلا جي تاريخ 2012-03-07
داخلا نمبر 1936
عنوان آخوند فضل عليءَ وارو دستخط نسخو
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 647 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آخوند فضل عليءَ وارو دستخط نسخو

آخوند فضل عليءَ وارو دستخط نسخو: شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو ھيءُ قلمي نسخو، تاريخ 17 ذوالحج 1269ھ مطابق 21 سيپٽمبر 1853ع تي آخوند فضل علي ولد محمد حافظ نصرپوريءَ لکي پورو ڪيو. ھن نسخي ۾ ”سر بسنت“ ڏنل نه آھي، باقي 35 سرن ۽ آخر ۾ ٽيهه اکريءَ تي مشتمل ھن مڪمل نسخي ۾ 2909 بيت ۽ 220 وايون شامل آھن. ھن نسخي ۾ ”سر سھڻيءَ“ تائين ھر داستان کي جدا عنوان سان نروار ڪيو ويو آھي، جھڙوڪ: ”سر ڪلياڻ“ کي ”دويم در داستان اگھي اگھائي“؛ ”سر جمن“ کي ”پنجم در داستان قرب ڪبريا“؛ ”سرود سوھڻيءَ“ کي ”ششم در داستان ساھڙ جا سينگار“ وغيره. ”سر ڪلياڻ“ سان شروع ٿيندڙ رسالن ۾، سنه 1269ھ/ 1853ع جو لکيل ھيءُ رسالو، ٻئي نمبر طور آڳاٽو شمار ڪيو ويندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو