آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو

آخوند محمد شفيع جو دستخط نسخو: شاھ عبداللطيف جي رسالي جو ھڪ قلمي نسخو. سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ ھيءُ رسالو تاريخ 27 ماھ صفر 1273ھ مطابق 27 آڪٽوبر 1856ع ۾ آخوند محمد شفيع لکي پورو ڪيو. شروعات ھن طرح ڪئي اٿس: ”اين رساله تصنيف حضرت شاھ صاحب ولايت و ڪرامت شاھ صاحب سيد شاھ عبداللطيف“.
ھن نسخي جي موجوده متن ۾ جملي 35 سر، 1841 بيت ۽ 115 وايون آھن. اڪثر سرن مان وچان پنا کٽل آھن ۽ ’سرود آبري‘ سڄو ضايع ٿيل آھي. جيڪڏھن نسخو سالم ھجي ھا ته بيتن ۽ واين جو تعداد وڌيڪ بيھي ھا. ھن نسخي ۾ جيتوڻيڪ سرن جي ترتيب ساڳي سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالن واري آھي، پر انھن وانگر ھن رسالي جا سر داستانن يا فصلن ۾ ورھايل ناھن، البت ھر ھڪ سر ۾ ڪنھن حد تائين ساڳئي مضمون وارا بيت لکي، ھڪ وائي ڏئي، ان بعد ٻئي مضمون وارا بيت آندل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو