داخلا ؛ 1545
پڙهيو ويو ؛ 498
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-21


تصويرون




ٽائيم لائين

1247.00.00-A.D
. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو

1831.00.00-A.D
. آخوند ڇٽي جو جنم سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو

1317.00.00-A.D
، جڏهن ته آخوند ڇٽي جي وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو .

1899.00.00-A.D
، جڏهن ته آخوند ڇٽي جي وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو .




sindhianaسنڌيانا--آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي

ٽائيٽل ؛ آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي


شاخ : ديني عالم

آخوند مولانا ڇٽو -ڀٽي- سيتائي: سيتا ڳوٺ ۾ ڀٽين جي مدرسي جو بنياد -انگريز- دور حڪومت کان اڳ جو پيل هو. پر -آخوند- مولانا ڇٽي ڀٽيءَ -ان- مدرسي جو نئين سر نصاب ۽ نظام مقرر ڪري -ان- کي باقاعده ۽ منظم بڻايو هو. -آخوند- ڇٽي جو -جنم- سندس خانداني روايت مطابق 1247هه/1831ع ۾ ٿيو، جڏهن ته سندس وفات جو سال 1317هه/1899ع چيو وڃي ٿو. -آخوند- مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جي والد بزرگوار جو نالو -آخوند- گاهي هو. ديني -تعليم- ۽ عربي فارسي زبان سان لڳاءُ کيس خانداني ورثي طور مليل هو. هو ڪيترا سال درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندو رهيو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترن شاگردن کي -تعليم- جي روشنيءَ سان منور ۽ فيضياب ڪيو ۽ پنهنجي وقت جا بهترين معلم مدرس ۽ عالم پيدا ڪيا.
پهريائين هڪ نياڻي پيدا ٿي ۽ پوءِ ست پٽ ترتيبوار عبدالرحمان، الهه بخش، محمد صالح، الهڏنو، گاهي، عبدالرحيم ۽ دائود پيدا ٿيا. سندس ستن پٽن مان چار پٽ علم ۽ فضيلت سان بهرور ٿي -آخوند- جي لقب سان مشهور ٿيا، جهڙوڪ: -آخوند- عبدالرحمان ڀٽي، -آخوند- -الله- بخش ڀٽي، -آخوند- محمد صالح ڀٽي، -آخوند- محمد دائود ڀٽي. اهي چارئي پنهنجي دور جا عالم، فاضل، معلم ۽ مدرس بڻيا. اهي عالم دين نه رڳو ديني علمن ۾ يڪتاءِ روزگار هئا، بلڪ بهترين خوش نويس ۽ خطاط هئا. انهن جا -ترڪي- ۾ ڇڏيل ڪجهه قلمي نسخا مليا آهن، جيڪي سندن بهترين خوش نويسيءَ ۽ رسم الخط جا اعليٰ نمونا آهن. سندن ڪيترا قيمتي ڪتاب ۽ علمي آثار زماني جي گردش جي ور چڙهي ويا. -ان- ڪري هن علمي درسگاهه جو هڪ پورو عهد -آخوند- محمد دائود ڀٽيءَ کانپوءِ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو، جنهن جي وفات 1973ع ۾ ٿي. -آخوند- مولانا ڇٽي ڀٽيءَ جون ڪيل ديني ۽ علمي خدمتون ۽ سندس اولاد طرفان هڪ صديءَ جي عهد تائين سندس جلايل جوت کي قائم رکڻ واريون ڪوششون -تاريخ- ۾ يادگار رهنديون.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيون (ضميمو جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ديني عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
احمد شاهه ذاڪري
ابڙو احمد
ابڙو عبدالڪريم چشتي
ابڙو محمد سليمان سليم
ابڙو مولوي حڪيم قاضي خاڪ
آخوند رحمت الله سانوڻي ھالائي
آخوند عزيزالله ميمڻ
ابوالاعليٰ مودودي
ابوالطيب سنڌي
ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي
ابوالعباس احمد منصوري
ابوالعباس محمد بن محمد بن عبدالله وراق ديبلي
ابوالمڪارم شھود ٺٽوي
ابوبڪر شبلي
ابوبڪر قاضي
ابو حنيفه بکري قاضي
ابو عبدالملڪ محدث سنڌي
ابو عطا سنڌي
ابو علي سنڌي
ابو محمد سالم سنڌي
ابو محمد هالائي مخدوم
ابو معشر السندي
ابو نصر بن عبدالله سنڌي
احتشام الحق ٿانوي مولانا
احمد ٺٽوي ملا
احمد شاهه بخاري بکري
احمد ھالائي مخدوم
بگائي مخدوم غلام محمد
ادريس محمد مولوي ڊاڪٽر السندي
احمد مولوي
الحاج سيد پير الهيار شاهه
امام نسائي
آخوند شيخ ميان فيض
امام ابو دائود
ٽکڙائي حافظ محمد يوسف
جلال محمد مخدوم
جلال محمد مخدوم2
جلال محمد هالائي مخدوم


.....ديني عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن