داخلا نمبر 2031
عنوان آخوند نور محمد ڀٽي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 502 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آخوند نور محمد ڀٽي

آخوند نور محمد ڀٽي: شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو استاد، آخوند نور محمد ڀٽي پنهنجي دؤر جو پرهيزگار مُعلِم ٿي گذريو آهي. آخوند نور محمد ڀٽي سنڌ جي هن ڀٽائي صاحب جي ننڍپڻ ۾ کيس قرآن شريف جي تعليم ڏني. ميون نور محمد ڀٽي، گنبٽ جي ڏيرن واري راڄ ويجهو ”وانئين“ جو ويٺل هو ۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. شاهه حبيب پنهنجي فرزند شاهه عبداللطيف جي تعليم لاءِ کيس گهرائي پاڻ وٽ رهايو هو. هن شفيق استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري ڪرائي، ان بعد سندس وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نه رهيو، پر ميين نور محمد، شاهه حبيب وٽ پيو ايندو هو. شاهه عبداللطيف جڏهن ڀِٽ کي وسايو تڏهن پنهنجي استاد ميون نور محمد کي سڏائي کيس سندس اوطاق لِيڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي پاڻ وٽ رهايائين. آخوند نور محمد ڀٽيءَ جي ولادت ۽ وفات جي تاريخن بابت تاريخ ۾ ڪي واضح شاهديون ڪو نه مليون آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکت موجب: ڀٽ تي آخوند صاحب جي اوطاق جا نشان 1954ع تائين موجود هئا، پر انهيءَ سال درگاهه ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستي کي سرڪار طرفان ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين جي اوطاق‘ ڊهرائي وئي. ’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دِڪي‘ ٺهيل هئي، جيڪا چُن َ سان لتل هئي. شايد شاهه صاحب جڏهن پنهنجي استاد وٽ ايندو هو ته ان دِڪيءَ تي ويهندو هو.آخوند نور محمد جي پٽ، ميين ولي محمد جي پڻ ڀٽائي صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر جو وفات بعد ميين ولي محمد ئي شاهه صاحب کي غسل ڏياريو ۽ جنازي نماز پڙهائي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو