داخلا جي تاريخ 2012-03-07
داخلا نمبر 1957
عنوان آخوند گل محمد ھالائي خليفو
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 648 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
ديوان گل ڪتاب جو عڪس

ديوان گل ڪتاب جو عڪس

آخوند گل محمد ھالائي خليفو

آخوند گل محمد ھالائي خليفو: خليفي گل محمد ھالائيءَ سنه 1226 هه/ 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو. سنڌي ادب ۾ گل پھريون شاعر آھي، جنھن عروض جي اصولن پٽاندڙ پنھنجو مڪمل ديوان جوڙي، ممبئيءَ مان ڇپائي 1275هجريءَ ۾ پڌرو ڪيو، انھيءَ ڪري گل کي سنڌي عروضي شاعريءَ جو باني ڪوٺيو وڃي ٿو. خليفو گل محمد وڏو عالم فاضل ۽ عارف ھو. سندس ڪلام مان پڌرو آھي ته ھو عربيءَ جو وڏو عالم ۽ پارسيءَ جو به ڄاڻو ھو، سندس ڪلام ۾ شريعت کان سواءِ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي به اپٽار ملي ٿي. خليفو گل محمد اصغر سائين ”اصغر“ جن جو معتقد مريد ۽ خاص خليفو ھو ۽ خلافت جو اھو سلسلو اڃا تائين آخوندن ۾ ھلندو اچي ٿو. اصغر سائين سندس ھمعصر شاعر ھو. جنھنڪري سندس ڪلام تي تصوف جو عنصر ۽ فقيريءَ جو رنگ غالب آھي. پاڻ سنه 1272ھ مطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1811.00.00  عيسوي

خليفي گل محمد ھالائيءَ سنه 1226 هه/ 1811ع ۾ پراڻن هالن ۾ جنم ورتو .


1855.00.00  عيسوي

آخوند گل محمد ھالائي خليفو سنه 1272ھ مطابق 1855ع ۾ عربستان ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون