داخلا نمبر 2034
عنوان آخوند ھدايت الله پريم ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 911 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
ڊاڪٽر آخوند ھدايت الله  پريم

ڊاڪٽر آخوند ھدايت الله پريم

آخوند ھدايت الله پريم ڊاڪٽر

آخوند ھدايت الله ’پريم‘، ڊاڪٽر: هدايت پريم جي قلمي نالي سان لکندڙ هن اديب ۽ استاد جو پورو نالو ڊاڪٽر ھدايت الله آخوند آھي. 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم روھڙيءَ مان حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم اسلاميه ڪاليج سکر مان ۽ ايم.اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1973ع ۾ ڪيائين. ھن جا ٽي ڪتاب: ’سنڌي ٻوليءَ جا محقق‘، (ٻه ڇاپا، ٻيو ڇاپو وڌايل سڌاريل 2007ع) ’ٿر جي ٻولي‘ (پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان گڏ لکيل ڪتاب: 1995ع)، ۽ ’اترادي ٻولي ‘:(1996ع) شايع ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ ھدايت صاحب اٽڪل 80 کن مقالا پڻ لکيا آھن، جن جو موضوع گھڻو ڪري لسانيات، سوانحيات ۽ ادب آھي، ھن صاحب 16 ڪھاڻيون پڻ لکيون آھن، جيڪي مختلف رسالن ۾ ڇپجي چڪيون آھن. هن جو هڪ ناول ”ازابيل“ 2006ع ۾ پڻ ڇپجي چڪو آهي. ھدايت آخوند، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1979ع ڌاري ليڪچرر طور مقرر ٿيو. 1986ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيو. 1987ع ۾ لنڊن جي اسڪول آف اوريئنٽل ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو، جتان 1989ع ڌاري لسانيات ۾ ڊپلوما ڪري وطن واپس آيو. 1995ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيائين. کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1997ع ۾ ائسوسيئيٽ پروفيسر طور ترقي ڏني وئي. ھدايت آخوند 2000ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو چيئرمئن ٿيو ۽ ساڳئي سال شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ قائم سچل چيئر جي بورڊ آف گورنرس جو ٽن سالن لاءِ ميمبر پڻ مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان به لاڳاپيل رھيو آھي. 2006ع ۾ رٽائر ڪيائين. هو 2000ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري جو سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو. ادبي سنگت جي پلئٽ فارم تان ھن ڪيترائي علمي ۽ ادبي پروگرام ڪرايا. هائر ايڊيوڪيشن ڪميشن پاران تجربيڪار پروفيسر طور سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تحقيقي پراجيڪٽ تي 2007 کان 2009 تائين ڪم ڪيائين. پاڻ هن وقت ڄامشوري ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.03.24  عيسوي

آخوند ھدايت الله ’ پريم ‘ ، ڊاڪٽر 24 مارچ 1946ع تي تعلقي اوٻاوڙي ، ضلعي سکر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون