آدرشي ناريون

آدرشي ناريون (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب ارجنداس بي. ٺارواڻي ”فنا“ جو لکيل آهي ۽ اخلاقي ساهتيه منڊل، بمبئيءَ پاران 1974ع ۾ شايع ڪيو ويو. 143 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت اڍائي روپيا آهي. ليکڪ هن ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي 36 آدرشي عورتن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مذهب، اخلاق، بهادريءَ، سياست، وطن دوستيءَ ۽ سماجي خدمتن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهن عورتن ۾ جتي ڪلاسيڪي ڪردارن سيتا ۽ مارئيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مهاتما گانڌيءَ جي گهرواريءَ ڪستور ٻائيءَ سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ جو به ذڪر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو