آدم شاهه جو تڪيو

آدم شاهه جو تڪيو: ڪلهوڙا خاندان جي پهرئين سرواڻ شهيد ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي چانڊڪا پرڳڻي ۾ مريدي خادمي تمام گهڻي هوندي هئي. بکر کان چانڊڪي پرڳڻي ۾ ايندي يا ويندي آدم شاهه ڪلهوڙو ڳوٺ بچل جوڻيجي ۾ به ترسندو هو، جتي سندس ياد کي قائم رکڻ لاءِ ’آدم شاهه جو تڪيو‘ ٺاهيو ويو آهي. هي تڪيو تاريخي يادگار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو