داخلا جي تاريخ 2012-03-08
داخلا نمبر 2101
عنوان آدم شاهه ڪلهوڙو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 456 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آدم شاهه ڪلهوڙو

آدم شاهه ڪلهوڙو: ميان آدم شاهه، سنڌ ۾ ڪلهوڙن جو اڳواڻ هو. هو ميران محمد جونپوريءَ جي طريقت جو پوئلڳ هو. هن سنڌ ۾ ”مهدوي فڪر“ کي زور وٺرايو ۽ پنهنجن مريدن جو حلقو وڌايائين. ميان آدم شاهه ”چانڊڪا“ (لاڙڪاڻي) جي ”هٽڙي“ ڳوٺ ۾ پنهنجو مرڪز قائم ڪيو، جتي ابڙي قبيلي جي سردار ”کٻڙ“ کيس زمينون نذراني ۾ ڏنيون. کٻڙ، ميان جو خاص مريد هو. اڪبر بادشاهه جو سپه سالار عبدالرحيم خان خانان، جڏهن سنڌ کي فتح ڪرڻ آيو ته ميان صاحب جي بزرگيءَ جي واکاڻ ٻڌائين ۽ ميان صاحب جي لنگر جي خرچ لاءِ ”چانڊڪا“ جو پرڳڻو کيس جاگير ۾ ڏنائين. اهڙيءَ طرح ميان آدم شاهه جي جماعت ۽ مريد طاقت وٺندا رهيا ۽ آسپاس جي زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف جدوجهد ڪندا زمينون هٿ ڪندا رهيا. ميان جو حڪم هو ته فقط ڏنڊا هڻو، تير يا تلوار استعمال نه ڪريو. اهوئي سبب آهي، جو ڏنڊو ميان جو خاص نشان بڻجي ويو. اڄ به سندس مقبري تي ڏنڊا رکيل آهن. اڪبري درٻار ۾ سندس خلاف زميندارن ۽ مٺگهرن ماڻهن طرفان شڪايتون پهچايون ويون ۽ ملتان جي حاڪم اهڙين بي انداز شڪايتن جو بهانو بنائي ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کيس 1600ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1600.00.00  عيسوي

ملتان جي حاڪم ميان آدم شاهه کي گرفتار ڪرائي ملتان ۾ قيد ڪيو ۽ بعد ۾ کيس 1600ع ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون