داخلا ؛ 2109
پڙهيو ويو ؛ 321
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-08


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آدم عليه السلام

ٽائيٽل ؛ آدم عليه السلام


شاخ : نبي

آدم عليه السلام: اسلامي عقيدي موجب پھريون انسان، جنھن مان پوري -انسان- ذات وڌي ۽ ويجھي. دنيا جا ڪروڙين -انسان- -ان- جو اولاد آھن. قرآن شريف ۾13 جاين تي -آدم عليه السلام- جو ذڪر آيو آھي. -الله- تعاليٰ کيس زمين تي پنھنجو خليفو بنايو ۽ سڀني فرشتن کي -ان- جي سامھون جھڪڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته کيس ھر شيءِ جو نالو سيکاريو ويو ھو، يعني کيس ”علم اسماء“ عطا ٿيو ھو. منع ڪيل وڻ جو ميوو کائڻ سبب حضرت آدم ۽ -ان- جي زال بيبي حوا کي زمين تي لاٿو ويو. زمين جي جسماني زندگي گذارڻ، آدم جي نسل لاءِ امتحان ھو، کين حڪم ھو ته جيڪڏھن خدا جي عبادت ۽ حڪمن جي پابندي ڪندا ته قيامت جي ڏينھن وڏي ۽ دائمي جزا (جنت) حاصل ڪندا. ۽ جيڪڏھن ڪفر ۽ نافرماني ڪندا ته -ان- جي سزا دوزخ ٿيندي. حضرت آدم کي عام طور پھريون نبي مڃيو ويو آھي، جڏھن ته شريعت خداونديءَ جي شروعات حضرت نوح عليه السلام کان ڪئي وئي آھي. يھودي ۽ نصارا به -آدم عليه السلام- کي سڀني انسانن جو پيءُ مڃين ٿا. بائيبل ۾ آدم جي ڪھاڻي، پيدائش کان وٺي عدن جي -باغ- مان بيبي حوا سميت نڪرڻ تائين بيان ڪيل آھي. سينٽ -پال- (St. Paul) جي چوڻ مطابق آدم عليه السلام، -انسان- جي زميني حيثيت جو مظھر ھو. -آدم عليه السلام- جي ڪھاڻيءَ جو لاڳاپو بائيبل جي قصن ڪھاڻين جي -تخليق- سان ڪيو وڃي ٿو.
عام مذھبي روايتن مطابق، حضرت آدم ۽ بيبي حوا کي بھشت مان تـڙائڻ ۾ ”نانگ“ جو وڏو ھٿ ھو، جنھن جي ورغلائڻ تي منع ٿيل وڻ جو ميوو کائڻ بعد بھشت مان تـڙجي ويا. سنڌ ۾ عام روايت آھي ته حضرت آدم، سنڌ جي ڪڇ واري حصي ۾ لٿو، -جتي- ”حضرت آدم جي ٻني“ اڄ تائين مشھور آھي ۽ -ان- جوءِ ۾ احترام طور ھر ڏيڻ جي منع آھي. -ٻني- 40 کن ڳوٺن تي مشتمل علائقو آهي ۽ اتي وڏا چراگاهه آهن. هي علائقو هن وقت ڀارت (ڪڇ) ۾ آهي. ڪن جو چوڻ آھي ته سرانديپ (سري لنڪا) آدم جي لھڻ جو مقام ھو. (ڏسو: ”آدم جي چوٽي“)




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آدم عليه السلام- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آدم عليه السلام - مان نڪتل ٻيون شاخون-


نبي - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آدم عليه السلام
ايوب عليه السلام
الياس عليه السلام


.....نبي موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن