داخلا نمبر 2519
عنوان آر اي شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 499 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آر اي شاهه

آر اي شاهه

آر اي شاهه

آر. اي. شاهه: ڊاڪٽر رشيد احمد شاهه عرف عام ڊاڪٽر آر. اي. شاهه جي نالي سان مشهور آهي. 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جيڪو اصل ٺٽي جو بخاري سيد هو. مئٽرڪ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، بي ايس سي، ڊي. جي سائنس ڪاليج مان، ايم. اي ۽ ڊپلوما يونيورسٽي آف بيروت مان ۽ پي. ايڇ ڊي 1969ع ڌاري آمريڪا جي نيويارڪ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. پاڻ نوڪريءَ جي شروعات سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڪيائين ۽ ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر به ٿيو. پاڻ نيويارڪ يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ ڪوپس پراجيڪٽ، آمريڪا جي اين. جي. يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر، اسلام آباد ۾ تعليم واري وزارت ۾ صلاحڪار ۽ سيڪريٽري، ڊائريڪٽر تربيت لاهور، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ء خيرپور جو وائيس چانسلر ۽ ٻين ڪيترن ئي عهدن تي رهي چڪو آهي.
کيس ”آءِ. سي. اي. ايڊ“ بيروت جي آمريڪن يونيورسٽيءَ، نيويارڪ يونيورسٽيءَ ۽ ايڊنبرا يونيورسٽيءَ سميت مختلف ملڪن جي تعليمي ادارن طرفان 14 اسڪالرشپون ملي چڪيون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.10.27  عيسوي

ڊاڪٽر آر . اي . شاهه 27 آڪٽوبر 1937ع تي ڪراچيءَ ۾ سيد باقر شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون