داخلا ؛ 2555
پڙهيو ويو ؛ 436
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون




ٽائيم لائين

1964.07.21-A.D
آر . سـِي . ڊي معاھدو 21 جولاءِ 1964ع تي ايران ، ترڪي ۽ پاڪستان جي سربراھن جي وچ ۾ ، استنبول ۾ طئي ٿيو ھو .




sindhianaسنڌيانا--آر سـِي ڊي

ٽائيٽل ؛ آر سـِي ڊي


شاخ : معاهدو

آر.سـِي.ڊي (R.C.D ):ايران، -پاڪستان- ۽ -ترڪي- جي وچ ۾ ٽه طرفو معاھدو، جنھن جو نالو ”ريجنل ڪوآپريشن فار ڊيولپمينٽ“ (علائقائي تعاون براءِ ترقي) آھي. ھن معاھدي جو مقصد، ٽنھي ملڪن جي ڪروڙين عوام جي بھبودي، اقتصادي، فني ۽ ثقافتي تعاون کي وڌائڻ ۽ معاشي ترقيءَ کي مضبوط ڪرڻ آھي. ھي معاھدو 21 -جولاءِ- 1964ع تي ايران، -ترڪي- ۽ -پاڪستان- جي سربراھن جي وچ ۾، -استنبول- ۾ طئي ٿيو ھو. ھن معاھدي جي نقطن تي تمام تيزيءَ سان عمل ٿيو، جنھن تحت ٽنھي ملڪن ۾ صنعتون قائم ٿيون. آر.سي.ڊي. شاھراھ مڪمل ٿي ۽ اقتصادي تعاون جا ڪئين پروگرام پورا ٿي چڪا آھن. -انقلاب ايران- (1979ع) کان پوءِ، ھن معاھدي جون سرگرمين ختم ٿي ويون.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آر سـِي ڊي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آر سـِي ڊي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


معاهدو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اعلان تاشقند
اعلان ڪراچي
اعلان لاهور
آر سـِي ڊي
اول1
جنيوا ڪانفرنسون
جنيوا ڪنوينشن


.....معاهدو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن