داخلا ؛ 2491
پڙهيو ويو ؛ 519
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آراراط ڪوهه

ٽائيٽل ؛ آراراط ڪوهه


شاخ : جبل

آراراط ڪوهه: ٻن چوٽين تي مشتمل آهي. ٻنهي جي وچ ۾ ستن ميلن جو مفاصلو آهي. وڏي چوٽي 16945 فٽ ۽ ننڍي 12877 فٽ آهي. انهن ٻنهي ڀرسان ٻي ڪا به ايڏي وڏي چوٽي نه آهي. ٻئي ٽونڪ لاوي ۽ جوالا مکي سان ٺهيل آهن. پر اڄ ڪلهه -برف- سان ڍڪيل آهن. هن جي -آس- پاس چراگاهه آهن. -جتي- ڪرد، ڌراڙ جانور چاريندي نظر ايندا آهن. آراراط جو نالو سڀ کان پهريائين -بائبل- ۾ ملي ٿو. -ان- متعلق چيو وڃي ٿو ته نوح جي طوفان بعد ”نوح جي ٻيڙي“ ”آرڪ“ هن -جبل- جي چوٽي تي اچي بيٺي هئي. -بائبل- ۾ آهي ته ”ستين مهيني جي سترهين -تاريخ- تي آراراط جي -جبل- تي اچي بيٺي“
هن کي ڪوهه جودي ۽ -جبل- الحارث به چوندا آهن. جودي جو پراڻو نالو اغري تاغ هو. ابن قتيبه، آراراط کي ئي ڪوهه جودي چيو آهي. سڪندر اعظم جي دور جو ليکڪ برومس لکي ٿو ته”ڪوهه جودي جي چوٽي تي -ٻيڙي- جا آثار به مليا آهن. -ابن بطوطه- (725ع) ۾ به هن جي زيارت ڪئي هئي.
اڄ به هزارن ماڻهن جو يقين آهي ته آراراط جي -برف- جي چوٽين هيٺان هزار سال پراڻي نوح جي -ٻيڙي- آهي. آرمينا جا ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته نوح جي طوفان بعد دنيا ۾ -آباد- ٿيڻ واري پهرين قوم آرمينا ئي آهي. آراراط جي ڪڇ ۾ هڪ واهڻ ”آگري“ آهي. روايت مطابق انهيءَ واهڻ ۾ حضرت نوح پنهنجي -ٻيڙي- ٺاهي هئي.
آراراط جو عبراني نالو اُراد هو يا اُراتو هيو. نائين کان ستين صدي قبل مسيح تائين آشورا ۽ -بابل- سلطنتن جي حد، دجله، فرات کان وٺي ڪوهه آراراط تائين هئي. اراراط کي فارسي ۾ ڪوهه نوح به چون ٿا. هن جي دامن وٽ ڳوٺ ”سينٽ جيڪب“ جي باشندن جو خيال آهي ته ”آراراط تي چڙهڻ وارو خدا جي قهر جو شڪار ٿي ويندو آهي.“ پر 27 سيپٽمبر 1829ع ۾ هڪ جرمن -جان جيڪب- ران پيرٽ، پهريون دفعو انهيءَ تي چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. -ان- بعد 1845ع ۾ هڪ ٻيو جرمن ماهر پروفيسر هرمن آبچ -ان- تي چڙهيو. هاڻي ته يورپي ماڻهن جي ٻيگهي مچي وئي آهي ۽ ڪافي ماهر نوح جي -ٻيڙي- ڳولڻ ۾ مصروف آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آراراط ڪوهه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آراراط ڪوهه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


جبل - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آتش فشان
ٻانڀارو
ٻانڀي وارو
ٻڌڪا ٽڪر
ٻلي ٿڙي
ابڙاسيو
آراراط ڪوهه
اولمپس
ايوريسٽ
بن (ٽڪر)
بولان لڪ
احد جبل
بڊو جبل
ڀت جبل
ٺوٺ
ثور
ترڙ واري
ٽڪر
ٽمڻ جبل
ٽوپي ٽڪري
ٽوڙو
تيرٿ ڪنڀ
جبل الطارق
جبل زيتون
پامير جبل
پٻ جبل


.....جبل موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن