داخلا نمبر 2532
عنوان آربي
شاخ فصل
پڙهيو ويو 345 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آربي

آربي

آربي

آربي (Alocasia ):هڪ مشهور ڀاڄي، جنهن کي اروڙي به چئبو آهي. فارسيءَ ۾ ’قلقاش‘ ۽ هنديءَ ۾ ’گهبان‘ سڏجي. هن جو نباتاتي نالو Alocasia Indica آهي. هي ڀاڄيءَ مختلف طريقن سان رڌبي آهي. هن جو مزاج سرد ۽ تر آهي. هن ۾ وٽامن A ۽ B کان سواءِ روغني جزا ۽ نشاستو شامل هوندا آهن. هيءَ ڀاڄي طبي مقصدن لاءِ به ڪم ايندي آهي. هيءَ خشڪي، قبضي ۽ پيشاب جي ساڙي کي ختم ڪندي آهي. هن کي سڪائي پائوڊر ڪري، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

فصل - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باڊڻِ
بانٺ
بجر
ٻاجهري
ٻاجهر
اڙد
ٻنگ لڻڻ
اسپنگر
بري
آڌائون
فصل ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون