داخلا نمبر 4202
عنوان آرسي (رسالو)
شاخ رسالا
پڙهيو ويو 416 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد لاءِ ضميمو (پنجون جلد)

آرسي (رسالو)

آرسي (ڪتاب ):هيءُ ڪتابي سلسلو سنڌي ادب جي ناميارين اديبن ۽ عالمن پروفيسر ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ پاران 1983 ع کان جاري ڪيو ويو هو، جنهن جو پورو نالو ’سهيوڳي ساهت ۽ جلا جي آرسي‘ هو. هن ڪتابي سلسلي ۾ نون توڙي پراڻن اديبن جون ڪهاڻيون، شاعري، انٽرويو، سفرناما، ڪالم، آتم ڪهاڻيون، ليکڪن جا تعارف، انعام يافته ڪتابن جا وچور ۽ ان دور ۾ ڇپجندڙ ادب جي اڀياس تي مشتمل مواد شايع ڪيو ويندو هو. هن ڪتابي سلسلي جا چار کان وڌيڪ شمارا نڪتا، جن ۾ اعليٰ درجي جو ادبي علمي مواد ڇاپيو ويو. هن ڪتابي سلسلي سنڌ اندرشعوري ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ سميت نون لکندڙن لاءِ نوان موضوع نمايان ڪيا. رسالي ۾ شايع ٿيندڙ مواد معيار جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن ڪتابي سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ ۾ ’شروعات‘ جي سري سان ظفر حسن ۽ ولي رام ولڀ لکن ٿا ته: اسان اظهار جي محدود دائرن کي ڪشادو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيئن ’آرسي‘ جي هن فورم تي سڄاڻ ذهنن جي تخليقن کي سگهه سان پيش ڪري سگھجي . اسان انهن تخليقي صلاحيتن جا ڳولهائو آهيون، جيڪي لاڙن، سوچن، جديد فارمن ۽ ٽيڪنيڪن جا ڏس ڏين ٿيون. هن ڪتابي سلسلي جي پهرين ڪڙي 1983ع ۾ ڇپي جنهن ۾ 300 صفحا هئا، ٻي ڪڙي 300 صفحا ۽ ٽين ۽ چوٿين ڪڙي 303 صفحن تي 1985ع ڌاري آرسي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپجي پڌريون ٿيون. هر ڪڙيءَ جي قيمت 25 روپيا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو