داخلا نمبر 3837
عنوان آرمسٽرانگ نيل
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 353 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
آرمسٽرانگ نيل

آرمسٽرانگ نيل

آرمسٽرانگ نيل

آرمسٽرانگ نيل (Armstrong Neil ):دنيا جو پهريون آمريڪي خلاباز جنهن چنڊ تي پهريون قدم رکيو، هن 1930ع ۾ جنم ورتو. ڪيليفورنيا يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيائين. 1949ع کان 1952ع تائين آمريڪي بحريه ۾ پائلٽ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هن ڪوريا جي جنگ ۾ شرڪت ڪئي. 1955ع ۾ آمريڪي خلائي تحقيقي اداري ناسا (NASA) ۾ ريسرچ پائلٽ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. سال 1962ع ۾ کيس خلائي سفر لاءِ منتخب ڪيو ويو. 1966ع ۾ خلائي جهاز جيمين اٺين جو ڪمانڊ پائلٽ هو. 16 جولاءِ 1969ع تي اپالو يارهن خلائي جهازن جي ذريعي چنڊ طرف روانو ٿيو ۽ 20 جولاءِ 1969ع تي چنڊ تي قدم رکيائين. آرمسٽرانگ کي 16 ملڪن طرفان اعزاز ۽ تمغا ڏنا ويا. 1971ع ۾ يونيورسٽي آف سِن سِن نيٽي (رياست اوهايو) ۾ انجنيئرنگ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. آرمسٽرانگ آمريڪا جي ڪيترين ئي هوا باز تنظيمن جو اعزازي ميمبر رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو