داخلا ؛ 2564
پڙهيو ويو ؛ 452
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آريا سماج

ٽائيٽل ؛ آريا سماج


شاخ : مذهب

آريا سماج: -آريا- مذهب، آرين جي عقيدي ۽ طريقي تي هلڻ واري جماعت، جنھن جو بنياد 1875ع ۾ سوامي ديانند سرسوتيءَ رکيو. ھيءُ فرقو هندو ڌرم ۾ مذھبي ۽ سماجي روايتن ۾ -اصلاح- جو علمبردار آھي، جڏهن هندستان تي انگريزن قبضو ڪيو ۽ سندن سيڪيولر روايتن عام هندن کي متاثر ڪيو ۽ اهي عيسائيت طرف راغب ٿيڻ لڳا ته هندو ڌرم جي بچاءَ لاءِ هيءُ فرقو قائم ٿيو ۽ -ان- کان سواءِ ديوين ۽ ديوتائن جي عبادت بدران هڪ ڀڳوان جي پوڄا جي هدايت ڪئي وئي. ھن فرقي جي تحريڪ ھندن ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي. ھيءُ گروھ بيواھن جي ٻي شاديءَ جي حمايت ۽ ننڍپڻ واري شاديءَ جي مخالفت ۾ سرگرم رھيو آھي.
آريا سماجي، -بت- پرستيءَ جي خلاف آھن. ھنن جا پنھنجا جدا عبادت خانا آھن. فرقي جي مقصدن جي تڪميل لاءِ رقم انھن صنعتن مان خصوصي طور مھيا ٿيندي آھي، جيڪي منظم پئماني تي قائم ٿيل آھن. ھن تنظيم جا وسيع پئماني تي تعليمي ادارا پڻ قائم ٿيل آھن. -آريا- سماجي تحريڪ جي ڏس ۾ سنڌيءَ ۾ ڀيم سين ميگهراج نظم ۾ ”آريا سماج جا ڏهه نيم“، چئنچلداس، کيئلداس، ”آريا سماج جو اتهاس“ ۽ گوبند رام راڄي مل چيلاڻي ”آريا سماج جي جوڙجڪ“ (1942ع) نالي ڪتاب لکيا. -آريا- سماجي تحريڪ جو سنڌي هندن تي وڏو اثر آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آريا سماج- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آريا سماج - مان نڪتل ٻيون شاخون-


مذهب - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابري مسجد
بابلي مذهب
آتش پرستي
بپتسمو
بدعت
ٻڌمت
اسلام
اڪال ڀونگو مندر
اثناعشري
بعل
آريا سماج
آرين جو مذھب
اڏيرو مندر
ايمان
اداسين جو مندر
ڀاڳناڙي مندر
تنجور ۾ شِوِ جا مندر
ثنويت
ڀڳتي تحريڪ
ڀڳوانُ
ڀڳوان ٻڌ
تفسير آية الڪرسي
ڀوڏيسر مندر
ڀوڏيسر مندر 2
ڀولي ناٿ شو شنڪر مندر
ڀيشم
ڀيم سين
تابِعينِ
تاؤمت
ٿانورداس شيوامنڊل ۽ مندر
پادري
پارسي


.....مذهب موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن