داخلا نمبر 2568
عنوان آريا مھر
شاخ سماج
پڙهيو ويو 350 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آريا مهر

آريا مهر

آريا مھر

آريا مھر: 19صدي عيسويءَ جي ڪن مصنفن اھو نظريو قائم ڪيو ھو ته آريائي نسل انسانن ۾ سڀني کان اعليٰ ۽ برتر نسل آھي ۽ آريائي ثقافت کان سواءِ ٻين سڀني نسلن جي ثقافت غيرصحتمند ۽ اخلاق کان ڪريل آھي. انھيءَ نظريي جي آڌار تي پھريائين جرمن فلسفين جرمن نسل کي آريائي نسل ھئڻ جي بنياد تي دنيا ۾ برتر ۽ اعليٰ قرار ڏئي، دنيا تي حڪومت ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ پوءِ ايران جي شھنشاھ رضا شاھ پھلويءَ، قديم سورج ديوتا جي نسل جي مناسبت سان پاڻ کي ”آريا مھر“ سڏايو، جنھن جي معنيٰ آھي ”سورج ديوتا“. قديم زماني ۾ ايران جي حڪومت جو تخت گاھ ”تخت جمشيد“ ھو، جنھن کي ايران جي شھنشاھ ٻيھر زندھ ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سماج - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
ارغون
ٻلو (اعزاز)
اشتراڪيت
اعرابِي
آدمشماري
بڪڪ
ادباڻي
سماج ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون