آريائي ٻوليون

آريائي ٻوليون: دنيا ۾ جيڪي به لساني خاندان آھن، انھن ۾ آريائي ٻوليون ڳالھائيندڙ گروھ نھايت اھم آھي، ڇو ته ھن گروھ (خاندان) جون ٻوليون دنيا جي وڏي حصي ۾ ڳالھايون وڃن ٿيون. ۽ پنھنجي علمي ۽ ادبي ذخيري جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ اتم آھن. ھن خاندان ۾ سنسڪرت ۽ فارسيءَ کان سواءِ يوناني، لاطيني، روسي، جرمن، فرانسيسي ۽ انگريزي اھم ٻوليون شامل آھن. اتر ھندستان ۾ مروج ٻوليون پڻ ھن خاندانن مان آھن. ھن ئي خاندان کي ”ھند يورپي ٻولين“ جو نالو به ڏنو ويو آھي، ڇاڪاڻ ته ھي ٻوليون انھن ملڪن ۾ پڻ ڳالھايون وڃن ٿيون، جيڪي ھندستان کان ويندي يورپ تائين پکڙيل آھن. انھن سڀني ٻولين کي ھڪ خاندان ۾ شامل ڪرڻ جو سبب اھو آھي ته انھن جا صرفي ۽ نحوي قاعدا ۽ لفظن جي ذخيرن ۾ گھڻي قدر ھڪجھڙائي آھي. هن خيال جي حامين موجب يوناني، لئٽن، رومن، جرمن، فرينچ، روسي، انگريزي ۽ فارسي سان گڏ هندي، سنسڪرت، بنگالي ۽ سنڌي زبانون پڻ آريائي ٻولين جي دفعي ۾ اچن ٿيون. سنڌيءَ بابت اها ڳالهه ڪي ٻيا عالم قبول نٿا ڪن. (وڌيڪ ڏسو؛ ’سنڌي ٻولي‘)


لفظ آريائي ٻوليونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو