آريجو غلام عمر غلام

آريجو، غلام عمر ’غلام ‘:مشهور عالم ۽ شاعر مولانا غلام عمر ولد محمد عثمان آريجو ڳوٺ خير محمد آريجا، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ 1850ع ڌاري جنم ورتو. سندس تعلق عالم گهراڻي سان هو. هي اعليٰ درجي جو حڪيم، عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. کيس ’قطعه تاريخ‘ لکڻ ۾ خاص مهارت حاصل هئي. هن ڪيترن ئي عالمن جون ’قطعه تاريخون‘ لکيون آهن. ان کانسواءِ هن ڪيترن رسالن ۽ ڪتابن جون به ’قطعه تاريخون‘ لکيون آهن. مولانا غلام عمر آريجي کي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو به هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ قرآن حڪيم ناظره جي تعليم ڏيندو هو. هن شاعريءَ ۾ مداحون، مناجاتون ۽ نعتون لکيون آهن، جيڪي ماهوار الڪاشف، الوحيد ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو