داخلا ؛ 2621
پڙهيو ويو ؛ 1702
پسند ڪيو ويو ؛ 9
تاريخ ؛ 2012-03-13


تصويرون


Arisr.jpg
عبدالواحد آريسر
عبدالواحد آريسر



ٽائيم لائين

1949.10.11-A.D
عبدالواحد ، آريسر 11 آڪٽوبر 1949ع تي ، ڳوٺ انڙ آباد لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن ، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو.




sindhianaسنڌيانا--آريسر عبدالواحد

ٽائيٽل ؛ آريسر عبدالواحد


شاخ : سياستدان

آريسر، عبدالواحد: سنڌ جو قومپرست سياستدان، تاريخدان، اديب، عبدالواحد، -آريسر- 11 -آڪٽوبر- 1949ع تي، ڳوٺ -انڙ- -آباد- لڳ ھاسي سر ريلوي اسٽيشن، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو جادو -آريسر- ھو، جيڪو ھارپو ڪندو ھو. عبدالواحد -آريسر- عمرڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ صاڀي جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا سنڌي پڙھيا، -ان- بعد مختلف مدرسن، -جن- ۾ ڀينڊي شريف جو مدرسو. مدرسه ھاشميه سجاول، مولوي عبدالحي نوحاڻيءَ ڪنگوري (تعلقي ڊگھڙيءَ) واري جو مدرسو، مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد ۽ شاھ ولي -الله- اڪيڊمي حيدرآباد شامل آھن. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي به سندس -استاد- رھيو آھي. -آريسر- صاحب اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان 1968ع ۾ مولوي عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. ھن کي ابتدا کان وٺي مطالعي ۽ لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. 1966ع ۾ ڪنگوري مدرسي ۾ پڙھڻ دوران ”ربيع الاول جا چار چنڊ“ عنوان سان پھريون مضمون لکيائين، جيڪو ھفتيوار ھمدرد، ميرپورخاص ۾ ڇپيو، سندس ٻيو اوائلي مضمون 1968ع ڌاري ماھوار ”بادل“ حيدرآباد ۾ لسانيات بابت ڇپيو، جيڪو ھن مخدوم غلام حيدر صديقيءَ طرفان ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد“ تي ڪيل -تنقيد- جي جواب طور لکيو.
آريسر صاحب ادبي، مذھبي ۽ سياسي ميدان ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، جي ايم سيد، مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا حسين احمد مدنيءَ کان متاثر رھيو آھي، سندس پھريون ڪتاب، مولانا آزاد جي قولن تي مشتمل ”جواھر آزاد“ 1970ع ۾ -اردو- ۾ ڇپيو، 1972ع ۾ سنڌيءَ ۾ ماھوار ”پيغام“ -جاري- ڪيائين، حنفيه مسجد ڊومڻ واھ روڊ حيدرآباد ۾ خطيب رھيو. 1973ع ۾ سنڌ جي وزيراعليٰ ممتاز علي -ڀٽي- جي دور ۾ سندس ڇپيل مضمون ”سنڌ جو ڏھيسر دھشتگردن جي حضور ۾“تي سرڪار سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ ڪڍيا ۽ -آريسر- مسجد ڇڏي ڪل وقتي سياست ۾ شرڪت ڪئي. 1972ع ۾ جي.ايم. سيد طرفان حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل جيئي سنڌ محاذ جو بنيادي ميمبر ٿيو. 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ جي نئين سر جوڙجڪ وقت -ان- جو مرڪزي آرگنائيزر مقرر ٿيو. 1990ع تائين جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي آرگنائيزر ۽ 1992ع کان 1995ع تائين چيئرمئن رھيو. 1995ع ۾ جي. ايم. سيد جي وفات بعد نئين جڙيل جيئي سنڌ قومي محاذ جو 1995ع کان 1997ع تائين ھڪ سال آرگنائيزر ۽ ٻه سال چيئرمئن رھيو ۽ هن وقت جيئي سنڌ قومي محاذ جي هڪ حصي جو چيئرمئن آهي. سنڌ ۾ جي.ايم. سيد جي فڪر پکيڙڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رھيو آھي. سنڌ جي سياست ۾ عبدالواحد -آريسر- ۽ حفيظ قريشي مشھور مقرر مڃيا وڃن ٿا. -آريسر- صاحب جا ھيٺيان ڪتاب اھم آھن: ”پرھ جو پيغام“ (1975ع)، ”صدين جون صدائون“ (1975ع)، ”جي ايم سيد“ (1976ع)، ”سر ۾ سانجھي وير“ (1979ع)، ”ٽھڪي نڪتا ٽوھ“، ”قومي تحريڪ“، ”وريا واھرو“ (1981ع)، ”مٽيءَ ھاڻا ماڻھو“ فرانر فينن جي ڪتاب جو ترجمو (1983ع)، ”ترم ياترا“ (1985ع)، ”ٿي نه محبت مات“ (1986ع)، ”ماڙين ماريس ڪينڪي، ”مجيب ۽ ڀٽو“، ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ (1987)، ”تقريرون“ (1989ع)، ”قومي تحريڪ“ ”قومي تحريڪ ۾ رڪاوٽون“، (1990ع)، ”اسان جيئن جيئي ڪو“ (1998ع)، ”روح جا ريلا“ (1999ع)، ”سر جي صدا سر ۾“ (2000ع) ۽ ”سچ وڏو ڏوهاري آهي“: (مخدوم -بلاول- جي تحريڪ بابت: 2006) وغيره.
عبدالواحد -آريسر- قومي سياست ۾ وقت به وقت جيل ڪاٽيا، ھو پھريون ڀيرو 11 -اپريل- 1976ع تي جيل ۾ ويو، جتان سيپٽمبر 1977ع ۾ آزاد ٿيو، ٻيو ڀيرو -آگسٽ- 1979ع ۾ جيل ويو ۽ -جولاءِ- 1981ع ۾ آزاد ٿيو. ٽيون ڀيرو -آڪٽوبر- 1992ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ مارچ 1993ع ۾ آزاد ٿيو ۽ چوٿون دفعو 11 -آگسٽ- 1999ع تي ھڪ ھفتي لاءِ جيل ويو. -ٿر- جي ھن غريب پورھيت جي پٽ سياستدان، سياست ۾ پنھنجو وقار ۽ عزت بحال رکي آھي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آريسر عبدالواحد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آريسر عبدالواحد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن