داخلا جي تاريخ 2012-03-13
داخلا نمبر 2642
عنوان آريسر محمد ايوب فقير
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 490 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آريسر محمد ايوب فقير

آريسر، محمد ايوب فقير: فقير محمد ايوب آريسر ولد محمد يوسف آريسر جو جنم 1919ع ۾ ڳوٺ ھوندو آريسر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم حافظ حمزي ۽ استاد مبارڪ آريسر وٽ قرآن شريف ۽ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ”مظھر العلوم“ مدرسه ولھيٽ ساندن واري ۾ ويو، جتي کيس عربي ۽ فارسي پڙھائڻ لاءِ مرحوم مفتي عبدالڪريم ساند جھڙو استاد مليو. پاڻ شاعريءَ جي شروعات مظھر العلوم ۾ پڙھڻ وقت سندس استاد جي چوڻ تي ڪئي. وڌيڪ تعليم لاءِ مظھر العلوم بدين ويو، جتي مولوي غلام علي گوپانگ کان فارسي پڙھيائين، اتان موٽي اچي زمينداريءَ ۾ مشغول ٿي ويو پر سندن شاعريءَ سان گھڻو چاھ رھيو. زماني جي گردش کيس سندس اباڻو ڳوٺ ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، پاڻ ھوندو آريسر کان لڏي اچي ڳوٺ سون پور ۾ رھيو، سندن وفات به اتي ٿي. ھن ڪافيون، وايون ۽ غزل وغيره لکيا. سندس ڪافيون، ڊاڪٽر بلوچ جي تربيت ڏنل ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ڏنل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.00.00  عيسوي

فقير محمد ايوب آريسر ولد محمد يوسف آريسر جو جنم 1919ع ۾ ڳوٺ ھوندو آريسر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون